وفاقي حڪومت پاران گريڊ 1 کان 19 تائين جي سرڪاري ملازمن جو 15 سيڪڙو ويريئنس الائونس ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ وفاقي ادارن جي سرڪاري ملازمن جي احتجاجي ڌرڻي کان هڪ ڏينهن اڳ حڪومت فيصلو ڪيو ته پهرين مارچ کان گريڊ 1 کان 19 تائين جي ملازمن کي سندن بنيادي پگھارن موجب 15 سيڪڙو ويريئنس الائونس ڏنو ويندو. رپورٽ موجب ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي حڪومتن کي به سرڪاري ملازمن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي فنڊن تي ڄاڻايل تجويزون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. لکت بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فنانس ڊويزن طرفان ڊگهي عرصي کان هڪ ئي گريڊ تي خدمتون انجام ڏيندڙ ملازمن جي ترقي لاءِ ٽائم اسڪيل پروموشن جي سمري بڻائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. بيان موجب ايڊهاڪ رليف/الائونسز کي پگھارن ۾ ضم ڪرڻ جو فيصلو پي اينڊ ڪميشن جي رپورٽ کان پوءِ ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *