پنهنجي فورس تيار ڪري رهيا آهيون، جلسن ۾ عورتن ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ سڌو اسپتال ويندو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته فيصل آباد جي جلسي لاءِ پنهنجي فورس تيار ڪري رهيا آهيون ۽ جيڪو به شخص عورتن ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندو اهو سڌو اسپتال پهچندو هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان جي 126 ڏينهن واري ڌرڻي ۾ اهڙو واقعو ڪڏهن به نه ٿيو جنهن ۾ عورتن سان بدسلوڪي ڪئي وڃي. جڏهن ته ڪيترن ئي وقتن تي عورتن جو تعداد مردن کان وڌيڪ هوندو هو جڏهن ته هاڻ عورتن سان بدتيمزي وارا واقعا رونما ٿيا آهن ان تي اسان کي شڪ آهي ۽ اسان ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون هن چيو ته (ن) ليگ جي عورتن کي اسان جي عورتن جو وڏو فڪر ٿي ويو آهي ۽ هڪدم انهن پريس ڪانفرنسون به ڪيون. هن چيو ته هاڻ اسان پنهنجي فورس تيار ڪري رهيا آهيون جيڪو به عورتن ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندو اهو سڌو اسپتال پهچندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *