هاڻ اجائي تنقيد سان مون تي ڪوبه فرق ناهي پوندو :نرگس فخري

ممبئي (شوبز نيوز)  2011ع ۾ ميوزيڪل رومانس فلم ”راڪ اسٽار“ ذريعي بالي ووڊ ڪيريئر شرع ڪندڙ اداڪارا نرگس فخري چيو آهي ته هاڻ اجائي تنقيد سان مٿس ڪوبه فرق ناهي پوندو، هڪ ڀارتي خابرو اداري سان ڳالهائيندي نرگس فخري چيو ته هاڻ ماڻهو جيڪي ڪجهه چون ٿا ، ان سان مون تي فرق نه ٿو پوي، ڇاڪاڻ ته راڪ اسٽار کانپوءِ ڪيترائي ڊرامائي معاملا سامهون آيا، هن چيو ته هاڻ مونکي فلمن جي بهتر سمجهه آهي، تنهن ڪري مونکي ڪابه پرواهه ناهي، بهرحال مونکي ان فلم(راڪ اسٽار) تي تمام گهڻو فخر آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته سندس پهرين فلم بابت ناڪاري تاثرن کيس تمام گهڻو مايوس ۽ پريشان ضرور ڪيو، هن چيو ته مان ڪڏهن به اداڪارا ٿيڻ نه پئي چاهيو، مان فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو به نه چيو هو، اهي سڀ ڳالهيون مون لاءِ تمام خراب رهيون، نرگس فخري جي ايندڙ فلم ”اظهر“ آهي، جنهن ۾ هوءَ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر محمد اظهر الدين جي اڳوڻي گهرواري سنگيتا بجلاڻي جو ڪردار ڪري رهي آهي، سنگيتا جي ڪردار جي حوالي سان نرگس ٻڌايو ته ان لاءِ مون تي ڪو دٻاءُ نه هو، مان اهو ڪردار جيترو بهتر ڪري سگهيس ڪيو آهي،جيتوڻيڪ منهنجي ۽ سنگيتا جي ڀيٽ ضرور ڪئي ويندي پر مان چاهيان ٿي ته ماڻهن کي لڳي ته مان سنگيتا ئي آهيان.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *