پنجاب ۾ نيب جي ڪاررواين سان وزيرن جي گوڙ عوام جي سامهون گهڻو ڪجهه رکي ڇڏيو آهي: خورشيد شاهه

اٽڪ (م.ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ڪنهن کي سٺو لڳي يا خراب پر قومي اسيمبلي ۾ عوامي حقن جي بچاءِ لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏيند ا رهنداسين، آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي سان ملڪ ۾ امن قائم ٿيو، جنهن تي  پاڪ فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، شفاف پڇاڻو انصاف ۽ جمهوريت جو روح آهي، نيب جي پنجاب ۾ ڪاررواين سان حڪومتي وزيرن جي گوڙ عوام جي سامهون گهڻو ڪجهه رکي ڇڏيو آهي، چنگيز خان جي برزگن  ۽ ڪٽنب  جي عوامي خدمتن جا اثر سڄي ملڪ  ۾ موجود آهن ، اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽڪ جي ناليواري  شخصيت چنگيز خان سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو، جنهن پنهنجي رهائشگاهه تي ملاقات ساڻس ملاقات ڪئيخورشيد شاهه چنگيز خان جا ٿورا مڃيند ي چيو ته توهان پنهنجي مامي خان منور خان آف خگواني سان اسان جي لاڳاپن کي هلائيندا پيا ا چو ۽ اسان به ائين ئي هلائيندا رهنداسين.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *