سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان 30 ڏينهن اندر ريڪروٽمينٽ رولز کي آخري شڪل ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن اسلام آباد ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي آسامي جي قيام جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي اڱاري تي وزيراعظم محمد نوازشريف بي ايس 21 جي ان آسامي جي سمري جي منظوري ڏني ۽ ڪئپيٽل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڊيولپمينٽ ڊويزن (ڪيڊ) کي هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مقرري لاءِ ريڪروٽمينٽ رولز مڪمل طور تي مطابقت پذير هجن وزيراعظم آفيس جي بيان موجب هي مقرري يا ته مناسب تجربو رکندڙ باصلاحيت سرڪاري آفيسر جي ٿي سگهي ٿي يا پيشاوراڻي تعليمي صلاحيت رکندڙ جي ٿي سگهي ٿي. جيڪو (ڪيڊ) ۾ تعليم بابت صلاحڪار يا وزير جي مجموعي رهنمائي تحت سڌاراتي عمل تي عملدرآمد ڪري سگهي وزيراعظم سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان 30 ڏينهن اندر ريڪروٽمينٽ رولز کي آخري شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *