پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي (پي آءِ سي) ۾ پيش آيل واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪبي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه چيو آهي ته پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي (پي آءِ سي) ۾ پيش آيل واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪبي. لاهور ۾ پيش آيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي اعجاز شاهه چيو ته ائين نه ٿيڻ گهرجي ها، منهنجي زندگي ۾ اسپتال تي ڪڏهن به اهڙو حملو ناهي ٿيو، واقعي جي جاچ ضرور ٿيندي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين. هن چيو ته وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن ۾ 4 هفتا اڳ ويڙهه ٿي هئي پر ان کانپوءِ ٺاهه ڪرايو ويو هو، معاملو به چُپ ٿي ويو هو پر اڄ ٻيهر شروعات ٿي وئي، واقعو سوشل ميڊيا تي هلندڙ ويڊيو سبب پيش آيو، وڪيل سوشل ميڊيا تي ويڊيو ڏسي مڇريا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *