جهيڙو ٽارڻ لاءِ پهتل صوبائي وزير فياض چوهاڻ تي به وڪيلن جو تشدد، وار پٽيا ويا

لاهور (م.ڊ) لاهور ۾ احتجاج دوران وڪيلن صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ تي به حملو ڪري ڏنو، تشدد کانپوءِ وارن مان گهلي اڳتي وٺي ويا. لاهور جي ڪارڊيو اسپتال ۾ وڪيلن جي ڀڃ ڊاهه، هنگامي ۽ ڇڪتاڻ جي ڄاڻ ملڻ بعد پنجاب جي سُڌ سماءَ وارو وزير فياض الحسن چوهاڻ پهتو، وڪيلن صوبائي وزير تي به تشدد ڪيو ۽ وارن مان جهلي کيس وٺي ويا. صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ واقعي جي رپورٽ وٺڻ لاءِ پهتو هو ته مٿس به تشدد ڪيو ويو.صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ واقعي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هو رپورٽ وٺڻ ۽ جهيڙو ٽارڻ لاءِ اسپتال پهتو هو، پر کيس به تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هُن چيو ته کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وڪيلن خلاف ڪيس داخل ڪري ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *