پشاور خودڪش حملو، شروعاتي رپورٽ وفاقي گهرو وزير کي ملي وئي

اسلام آباد(بيورو) گهرو وزارت کي خيبرپختونخواهه پوليس طرفان تيار ڪيل پشاور امام بارگاهه ڌماڪن جي شروعاتي رپورٽ ملي وئي آهي پشاور پوليس ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ طرفان ڏنل شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اماميه مسجد حيات آباد ۾ 4 خودڪش  حملا آور داخل ٿيا 3 حملا آورن خودڪش حملو ڪيو چوٿون حملا آور گولين جو نشانو بنيو رپورٽ مطابق چوٿين حملا آور جي خودڪش جيڪٽ نه ڦاٽي جنهن کانپوءِ بم ڊسپوزل ٽيم ان کي ناڪاره بڻايو رپورٽ ۾ گهرو  وزير کي ٻڌايو ويو ته واقعي واري جاءِ تان 3 حملا آورن جون ٽنگون، هڪ حملي آور جو لاش ۽ 3 ڪار آمد هينڊ گرينڊ هٿ ڪيا ويا جن کي بروقت ناڪاره بڻايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *