ڪي پي ڪي ۾ سينيٽ چونڊن ۾ اتحاد لاءِ مختلف پارٽين سان رابطا جاري آهن: خواجه سعد رفيق

اسلام آباد (بيورو) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪي پي ڪي ۾ سينيٽ چونڊن ۾ اتحاد لاءِ مختلف پارٽين سان رابطا جاري آهن، هارس ٽريڊننگ ڪندڙن ميمبرن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته ڪي پي ڪي ۾ هڪ شخص هارس ٽريڊنگ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن فيصلو ڪيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي فاروڊ بلاڪ سان رابطو نه ڪيو ويندو. سعد رفيق چيو ته پيپلزپارٽي ۽ شيرپائو گروپ سان رابطا جاري آهن، پارٽي جي ڪنهن ميمبر هارس ٽريڊنگ ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *