لانگ مارچ جون تياريون تيز، نااهل حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هوندو: سعيد غني

ڪراچي (ويب ديسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته پ پ جو لانگ مارچ موجوده نااهل حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. سعيد غني جي صدارت هيٺ پ پ ڪراچي ڊويزن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن دوران 27 فيبروري کان پ پ جي لانگ مارچ جي حوالي سان تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪراچي ڊويزن جو نائب صدر مرزا مقبول، انفارميشن سيڪريٽري شهلا رضا، ذوالفقار قائمخاني، خالد لطيف، آصف خان، شڪيل چوڌري، عابد دستي سميت سمورن ضلعن جي صدرن، جنرل سيڪريٽريز، انفارميشن سيڪريٽريز، ليبر بيورو، پي ايس ايف، پيپلز يوٿ، عورت ونگ سميت ٻين ونگز جي عهديدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سعيد غني چيو ته پ پ جو لانگ مارچ ڪراچي مان شروع ٿيندو، ان ڪري اسان جي ذميواري آهي ته ڀرپور تياري ڪيون. هن چيو ته ڪراچي کان مارچ اسلام آباد تائين ويندو، ان دوران 7 هنڌن تي بيهنداسين، سمورن ضلعن ۾ ان حوالي سان تياريون ڪيون وڃن، هي مارچ موجودا نااهل حڪومت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *