پرٿ ٽيسٽ ۾ اسٽارڪ ۽ وارنر آفريڪين کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا

پرٿ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بالنگ ۾ مچل اسٽارڪ ۽ بيٽنگ ۾ ڊيوڊ وارنر ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا، پرٿ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن ڏکڻ آفريڪي ٽيم پهرين اننگز ۾ رڳو 242 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي، مچل اسٽارڪ جي طوفاني بالنگ ۽ هيزل ووڊ جي حملن پروٽيز کي پير کوڙڻ نه ڏنا، اسٽارڪ شاندار بالنگ ڪرائيندي 4 ۽ هيزل ووڊ 3 وڪيٽو ورتيون، ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊي ڪاڪ سڀ کان وڌيڪ 64 ۽ باووما 51 رنسون ٺاهيون، ٻيو ڪو بيٽسمين ذڪر جوڳي ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهيو، آسٽريليا جي اننگ شروع ٿي ته ڊيوڊ وارنر باهه ٻاري ڏني ۽ هو ون ڊي ميچ جيان تيز رفتاري سان کيڏندو رهيو، وارنر جي دونهيندار بيٽنگ آفريڪي بالرن جون متيون منجهائي ڇڏيون، ان دوران هو ففٽي هڻي ويو، پهرين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين آسٽريليا بنا ڪنهن نقصان جي 105 رنسون ٺاهي ورتيون، ڊيوڊ وارنر 62 بالن تي 13 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 79 ۽ مارش 29 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *