فيفا ايراني چاهيندڙن تي ميچ دوران مذهبي نعرا هڻڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو

زيورخ (اسپورٽس نيوز) فٽبال ايسوسيئيشن فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ ميچ ۾ تماشائين کي محرم الحرام جي حوالي سان نعرا هڻڻ ۽ ڪارا ڪپڙا پائڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. ان ميچ ۾ ايران ڏکڻ ڪوريا کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول سان هارايو. ميڊيا رپورٽن مطابق تهران ۾ اختيارين چاهيندڙن کي چيو ته هو ميچ دوران فٽبال بابت نعرا هڻڻ بدران محرم الحرام جي حوالي سان نعرا هڻن. ڏکڻ ڪوريا جا رانديگر به ميچ دوران ايران سان ٻڌي جي اظهار طور ٻانهن تي ڪاريون پٽيون پائين. فيفا ايران تي 37 هزار پائونڊ جو ڏنڊ لاڳو ڪيو. فيفا ڪروشيا ۽ ڪوسو فٽبال فيڊريشن تي به 6 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ڪواليفائنگ ميچ ۾ شامل ٿيندڙ سربيا خلاف نعرا هڻڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. واضح هجي ته ورلڊ فٽبال گورننگ باڊي فيفا ميچن دوران ڪنهن به قسم جي سياسي، مذهبي يا واپاري نياپن کان منع ڪري ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *