پريانڪا فلم ”بي واچ“ ۾ پريشر ۽ ايڪشن تمام گهڻي سٺي انداز ۾ سنڀاليو: راڪ

نيويارڪ (شوبز نيوز) هالي وڊ اداڪار دي وان جانسن(راڪ)پنهنجي ايندڙ فلم ”بي واچ“ ۾ ساٿي بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي واکاڻ ڪندي نه پيو ڍاپي، ڀارتي ميڊيا مطابق راڪ هن وقت ”بي واچ“ جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي، هن سماجي رابطي جي ويب سائٽ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو ونڊe آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي ساٿي بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي واکاڻ ڪندي نه پيو ڍاپي، راڪ جو چوڻ هو ته پريانڪا فلم ”بي واچ“ ۾ پريشر ۽ ايڪشن تمام گهڻي سٺي انداز ۾ سنڀاليو آهي، جنهن جو ڪو مثال ئي ناهي، هن چيو ته فلم جي پروڊڪشن جي شروعات کان پهرين اداڪارا کي چيو ويو ته يا ته اسان گڏجي پريشر سنڀالينداسين يا وري اسان پاڻ ئي ان جي ور چڙهي وينداسين، جنهن تي پريانڪا چيو ته اسان ان کي بهتر انداز ۾ کڻي هلنداسين، سندس اهڙي خوبي سبب اسان کيس تمام گهڻو پسند ڪيون ٿا، دي راڪ چيو ته فلم جي هڪ منظر ۾ ولن مون تي بندوق رکي ٿو، جيڪو ڪو ٻيو نه پر هڪ عورت آهي،جيڪا ان قسم جو پريشر سنڀالي سگهي ٿي ۽ اها پريانڪا آهي، پريانڪا جي اهڙي ساراهه کانپوءِ کيس به ان وديو ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ سندس مرڪندي ڇوڻ هو ته برائي ڪڏهن به سٺي ڏسڻ ۾ ناهي ايندي، واضح هجي ته فلم”بي واچ“ 1990ع جي مشهور ٽي وي سيريلز تي ٻڌل آهي، جيڪا ايندڙ سال 19 مئي تي رليز ٿيندي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *