ايشا گپتا”ڪمانڊو ٽو“۾ ڪم ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ايشا گپتا ايندڙ فلم ”ڪمانڊو ٽو“جو حصو هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، ڀارتي ميڊيا مطابق سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ ايشا گپتا ٻڌايو ته هوءَ ”ڪمانڊو ٽو“ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ تمام گهڻا ايڪشن منظر هجڻ تي هوءَ تمام گهڻي پرجوش آهي، هن ٻڌايو ته ان فلم جو هيرو وديوت جمال آهي، جيڪو 2013ع ۾ رليز ٿيل قلم ڪمانڊو ۾ به هيرو جي ڪردار ۾ نظر آيو هو، ايشا گپتا جو چوڻ هو ته مان اهو به ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته مان ان فلم ۾ نه ڪو ناڪاري ڪردار ادا پئي ڪيان ۽ نه ئي ويڙهه ڪندي نظر اينديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *