پرتشدد انتهاپسندي ۾ مقامي ۽ بيروني هٿ آهن، روڪڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي: پاڪستان

جنيوا (اين اين آءِ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده داڪٽر مليحيٰ لوڌي چيو آهي ته پرتشدد انتهاپسندي ۾ مقامي ۽ بيروني هٿ آهن، ٻنهي هٿن کي روڪڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي جي ضرورت آهي اهڙي ڪارروائي کي روڪڻ جي رٿابندي بابت گڏيل قومن ۾ خطاب ۾ هن چيو ته معاشي محرومي، بدحالي ۽ ناانصافي جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي حق خود اراديت کان انڪار ۽ ناانصافي کي دهشتگرد پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪن ٿا. عالمي برادري دهشتگردي خلاف جامع حڪمت عملي جي ضرورت کي تسليم ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *