جي ڊي پي کي موجوده 7 سيڪڙو مان وڌائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي جي ترقي ضروري آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت سرمائي جي منڊي خاص ڪري سڪوڪ بانڊز کي هٿي ڏيڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. جي ڊي پي کي موجوده 7 سيڪڙو مان وڌائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي جي ترقي ضروري آهي ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ترقي لاءِ حڪومت ايس اي سي پي سان تعاون جاري رکندي. هو آچر تي هتي اسلام آباد ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جي سينئر عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو سيڪيورٽيز ايڪسچينج ڪميشن جي چيئرمين وفاقي وزير کي منڊي جي اهم مسئلن بابت ڄاڻ ڏني. ناڻي وزير چيو ته ملڪ جي مجموعي پيداوار کي 7 سيڪڙو جي مجموعي سطح کان وڌائڻ لاءِ سرمائي جي منڊي جي ذريعي ڊگهي مدي سيڙپڪاري  ضروري عنصر اهن جي ڊي پي کي موجوده 7 سيڪڙو مان وڌائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *