پاڻ ۽ خاندان کي احتساب لاءِ پيش ڪريان ٿو، الزام ثابت ٿيا ته گهر هليو ويندس: نواز شريف

اسلام آباد (م.ڊ/اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف الزام لڳائيندڙ کي چيلينج ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن انهن تي الزام ثابت ٿي ويا ته هو وزارت جو عهدو ڇڏي خاموشي سان گهر هليو ويندو، اسان تي الزام لڳائيندڙ وٽ ڪو ثبوت آهي ته پيش ڪن، پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي احتساب لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان، جوڊيشل ڪميشن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکندس، الزام ثابت نه ٿيا ته ڇا روزانو ڪوڙن الزامن جو بازار گرم ڪندڙ قوم کان معافي وٺندا، عوام باشعور آهي هن هر اليڪشن هن ڪوڙ کي ووٽ جي طاقت سان شڪست ڏني آهي، اسان جي حڪومت شفافيت تي يقين رکي ٿي جن جي خلاف پرڏيهي عدالتون فيصلا جاري ڪيا اهي اسان کي احتساب جو سبق پڙهائي رهيا آهن، ڪنيٽر تي بيهي کٿي زبان ڳالهائي وئي، اسان جي خاندان جي کربين رپين جو نقصان پهتو ان جو حساب ڪير ڏيندو، هو ريڊيو ۽ ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪري رهيو هو، هن چيو ته اڄ ڀيرو ٻيهر قوم اڳيان نهايت اهم مسئلو کڻي حاضر ٿيو آهيان، سموري ڄمار کليل ڪتاب آهي، ننڍ پڻ جيڪو هن ئي ملڪ ۾ گذريو، هن ئي ملڪ ۾ تعليم حاصل ڪئي، مون پاڪستان ۾ شادي ڪئي، سڄو خاندان پاڪستان سان دل سان وابسطا آهي، مون کي فخر آهي ته مان هن مٽي مان پيدا ٿيس ۽ ان سان عشق آهي، مون کي سياست جي ڪنڊيدار ويلي ۾ قدم رکي 30 سال ٿي ويا، جلاوطني جو هر لحمو وطن جي ياد ۾ گذاريو، ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاناما ليڪس اڳيان اچڻ تي فوري طور تي قوم کي اعتماد ۾ ورتو، جمهوري وزيراعظم جي ذميواري نڀائيندي ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي خاندان کي احتساب لاءِ پيش ڪريان ٿو، منهنجي خلاف اهي ڪيس آهن جن جي جاچ ٿي چڪي آهي، مشرف دور ۾ هڪ پائي جي غير قانوني ٽرانزيڪشن ثابت نه ٿي، پاناما ليڪس کي بنياد بڻائي جيڪي الزام لڳايا پيا وڃن اهي پراڻا آهن، وزيراعظم چيو ته مون سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج طور ڪميشن جو اعلان ڪيو، هن چيو ته منهنجو خاندان ان وقت کان ٽيڪس ڏئي رهيا آهيون جڏهن ڪجهه ماڻهن کي ان جي هجي به نه ايندي هئي، اسان پهريون ڀيرو ٽيڪس پيئرز ڊائريڪٽر شايع ڪئي، مان منهنجو خاندان ۽ ڪاروبار صاف آهي، بهتان تهم لڳائيندڙ چيو ته اهي نواز شريف کان وڌيڪ ٽيڪس ڏين ٿا، انهن ماڻهن لاڳيتو ڪوڙ ڳالهايو ته ماڻهو سچ سمجهڻ لڳا، اثاثن جو تفصيل ٻيهر اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي ڏنو ويو آهي، ويب سائيٽ تان عوامي نمائندن جي اثاثن جو تفيصل ٻڌايو ويو آهي، الزام لڳائيندڙن وٽ ثبوت آهي پيش ڪن، پاناما ليڪس جا الزام سچ ثابت ٿين ٿا ته استعيفيٰ ڏئي گهر هليو ويندس، نواز شريف چيو ته ڪميشن ٺهڻ ۽ جاچ کان اڳ فيصلو به جاري ڪيو پيو وڃي، ميِڊيا کي گذارش آهي ته الزامن جي جاچ ڪري، اسان مڪمل صلاحيت سان الزامن جو جواب ڏينداسين، جمهوريت جي نمائندن کانسواءِ پڇڻ عوام جو حق آهي، ميڊيا جا ڪيترائي ماڻهو ڪوڙن الزامن جو شڪار ٿي وڃن ٿا، سعودي عرب وڃن جو مهڻو ڏيندڙ ٻڌائين ته اسان کي ڇو جلا وطن ڪيو ويو، جمهوريت جي تعريف سمجهائيندڙ ٻڌائين ته آمر جي اڳيان وزارت عظميٰ لاءِ ڪير هٿ ٻڌي بيٺو هو، هن چيو ته قانون تي عمل جي ڳالهه ڪندڙ اهو ٻڌائين ته اسان کي ڇو جلا وطن ڪيو ويو، هن چيو ته اسان ماضي ۾ سمورن سوالن جو جواب ڏنو، هاڻ به ڏينداسين، اسان کي جلا وطن ڪيو ويو ته ان وقت سپريم ڪورٽ کي ڪنهن ڇو نه جاڳايو، تڪليفون ڪاٽيون، نه ڪيل گناهن جو ڪفارو ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جي گهرن کي تالا لڳايا ويا، هن چيو ته پارليامينٽ تي حملو ڪندڙ اڄ قانون جي بالادستي جو راڳ ڳائي رهيا آهن، اخلاقيات جو سبق پڙهائيندڙ اهو ٻڌائين ته آئين جي ڪهڙي شڪ پڙهي انهن آمريت جي ڳالهه ڪئي، مون تي جهاز هائيجيڪ ڪرڻ جو ڪوڙو ڪيس ٺاهڻ جو ڪير حساب ڏيندو، آئين ٽوڙڻ کان وٺي 17 هين ترميم جي منظوري تائين ساٿ ڏيندڙ جو احتساب ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته وزيراعظم جي ڳچي ۾ رسي وجهندڙ اسان کي سبق پڙهائڻ لاءِ اچي ويا آهن، انهن سمورن ڳالهين جي باوجود پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميشن بنائڻ لاءِ تيار آهيون، ڌرڻن دوران ملڪ کي کربين رپين جو نقصان ٿيو، هن ڪميشن ڪنٽينر تي بيهي لڳايل الزامن کي رد ڪيو، هن چيو ته اسان جو خاندان 1972 کان حساب ڏيندو رهيو آهي ۽ اسان جو خاندان هڪ پيسي جو حساب ڏيندو، هڪ ڪميشن 2014 ۾ به ٺهيو هو جنهن ڪنٽينر تي بيهي الزام لڳائيندڙن جي جاچ ڪئي ۽ سمورن الزامن کي غلط ثابت ڪيو، ان ڳالهه جو ڏک آهي ته ملڪ ۽ قوم جو نقصان ڪيو ويو، هن چيو ته حڪومت 5 سال پورا ڪندي، ڇو ته اسان کي پاڪستان جي عوام ميندينٽ ڏنو آهي، حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، وزيراعظم چيو ته ڪاروبار نه ڪري به پرائيويٽ جهازن ۾ گهمندڙن کان حساب ڪير وٺندو، اسان پاڻمرادو هڪ انڪوائري ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، ان جي باوجود ڪميشن جي رستي ۾ رنڊڪ وڌي پئي وڃي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي کي ڪميشن جي قيام لاءِ خط لکندس، چيف جسٽس الزامن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ڪميشن جون سفارشون قبول ڪندس، حڪومت ڪرپشن جي خاتمي ۽ گڊ گورننس تي يقين رکي ٿي. ٻئي طرف نجي ٽي وي موجب حڪومت چيف جسٽس آف پاڪستان کي پاناما ليڪس جي تحقيقات جي لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيو، خط وقتي سيڪريٽري قانون جي طرفان رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي موڪليو ويو، خط ۾ چيو ويو آهي ته پاناما ليڪس ۾ پاڪستاني شهرين جي آف شور ڪمپنين جي جاچ جي لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي، انڪوائري ڪميشن پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 1956عه جي تحت قائم ڪيو وڃي. خط ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان کي درخواست ڪئي وئي آهي ته هو سپريم ڪورٽ جي ججز تي ٻڌل ڪميشن قائم ڪري، جنهن جي سربراهي ترجيحي بنياد تي چيف جسٽس خود پاڻ ڪري، چيف جسٽس کي لکي خط سان گڏ ڪميشن جي ٽرمز آف ريفرنس به منسلڪ آهي، ضابطه ڪار جي موجب ڪميشن پاڪستانين جي پاناما يا ڪنهن به ملڪ ۾ آف شور ڪمپنيون ٺاهڻ جي اطلاعن جي جاچ ڪري، ڪميشن موجوده ۽ اڳوڻي دور ۾ عوامي عهدا رکندڙن جي ملوث هئڻ جي جاچ ڪري، ڪميسن بينڪن جي سياسي اثر و رسوخ سان قرض معاف ڪرئڻ وارن جو به پتو لڳائي..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *