سنڌ حڪومت پاران شهيد پوليس اهلڪارن جو معاوضو 20 مان وڌائي 60 لک ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شهيد پوليس اهلڪارن جو معاوضو 20 لکن مان وڌائي 60 لک رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته انساني جان انمول آهي جنهن جي ڪابه قيمت نه آهي پر اسانجي ڪوشش آهي ته اسان پنهنجي بهادر پوليس اهلڪارن جيڪي پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ شهادت ماڻيندا آهن سندن وارثن جي وڌ کان وڌ مالي مدد ڪري سگهجي. هن اها ڳالهه اڄ جعمي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ پوليس جي ڀرتين ۽ معاوضي بابت منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، آءِ جي پوليس سنڌ اي ڊي خواجه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته پوليس اهلڪار جيڪي پنهنجي ڊيوٽي دوران شهيد ٿي ويندا آهن انهن جي وارثن کي ڏنا ويندڙ 20 لک رپيا وارو معاوضو گهٽ آهي انڪري مان 20 لک رپين مان وڌائي 60 لک رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن آءِ جي پوليس سنڌ اي ڊي خواجه کي هدايت ڪئي ته هُو ان مقصد لاءِ سمري موڪلن. آءِ جي پوليس سنڌ چيو ته وڏي وزير جي شهيدن جي وارثن لاءِ مالي معاوضي ۾ واڌ سان پوليس فورس جي وڏي حوصلي افزائي ٿيندي. هن چيو ته وڏي وزير جي ذاتي طور تي سپورٽ ڪرڻ تي سندس شڪريو ادا ڪندي چيو ته هُو فوري سمري موو ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *