پاڻي ۽ صحت جي معاملن ۾ دير برداشت نه ڪنداسين: سپريم ڪورٽ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ نئين گاج ڊيم جي اڏاوت بابت وفاقي سرڪار کان ٽائيم شيڊول طلب ڪندي چيو آهي ته صحت جي معاملي ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ نئين گاج جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي جنهن دوران وفاقي وزير خسرو بختيار ۽ فيصل واوڊا پيش ٿيا. چيف جسٽس وفاقي سرڪار کان نئين گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ٽائيم شيڊول طلب ڪندي چيو ته توهان سڀني کي افتتاح ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، اسان کي ڊيم جي اڏاوت بابت ڊيم فريم ڏيو.  پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير خسرو بختيار عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت آبي وسيلن کي خاص اهميت ڏئي رهي آهي، ڀاشا ۽ مهمند ڊيم به اسان جي اوليتن ۾ شامل آهن، جڏهن ته نئين گاج ڊيم لاءِ ناڻي ۽ پاڻي واري وزارت رابطو ڪري رهيون آهن.  چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته پاڻي ۽ صحت جي معاملن ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن عدالت مداخلت نه ڪري ته معاملا رولڙي جو شڪار ٿي ويندا آهن، بيورو ڪريسي جي معاملن سبب معاملا التوا جو شڪار نه ٿين تنهن ڪري سمورا اسٽيڪ هولڊر گڏجي هلن. هن چيو ته پنجاب ۾ گهڻن معاملن جي سمري پنجاب جي وڏي وزير وٽ پئي هوندي آهي،  وٽس ڪيتريون ئي اهڙيون سمريون آهن جيڪي 2 ڪلاڪ به نه رڪجڻ گهرجن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *