مني لانڊرنگ خلاف ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي آپريشن جو اعلان، غربت جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان مني لانڊرنگ جي خلاف ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي آپريشن جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزير اعظم آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان چيو ته سڀ کان وڏا مسئلا مني لانڊرنگ جي ڪري آهن، اسٽيٽ ڊيپارٽمنيٽ موجب پاڪستان مان ساليانو 10 ارب ڊالر جي مني لانڊرنگ ٿي رهي آهي اسان مني لانڊرنگ جي خلاف ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو آپيرشن ڪرڻ پيا وڃون. وزير اعظم پيپلز پارٽي جي جلسي ڏانهن اشارو ڏيندي چيو ته سنڌ مان رڙيون پيون اچن، اِهي رڙيون مني لانڊرنگ جون آهن. عمران خان جو چوڻ هو ته اسان چار مهينا  وڏي ڏکيائي سان گذاريا آهن، بجلي گيس ۽ پي آءِ اي سميت هي جاءِ تي خسارو ئي خسارو هو، هاڻ به پاڪستان چيلنجن کي منهن پيو ڏئي پر بحران صورتحال ناهي، آئون جيترو اڄ مطمئن آهيان پهرين نه هيس. هن وڌيڪ چيو ته سمورين مسئلن جو سبب بدانتظامي آهي، ان کي درست ڪيو ته مسئلا حل ٿي ويندا، ماضي ۾ اسٽرڪچرل سڌارن تي ڪنن عمل ناهي ڪيو. وزير اعظم آءِ ايم ايف  کان مالي امداد بابت ڳالهائيندي چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ڪا به جلدي ناهي، آءِ ايم ايف پاڪستان کي بهتر شرطن تي قرض ڏيندي، آءِ ايم ايف آمدن وڌائڻ ۽ خرم گهٽ ڪرڻ تي زور ڏئي رهي آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته اسان جا آمريڪا سميت سڄي دنيا سان لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن، ڀارت سان لاڳاپن ۾ به بهتري اچي رهي آهي، ان ۾ رڳو رنڊڪ اِها آهي ته ڀارت ۾ اليڪشن ٿي رهي آهي. وزير اعظم ٻڌايو ته پاڪستان 12 ڪروڙ نوجوانن جي آبادي تي ٻڌل آهي، اسان غربت جي خاتمي لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام آڻي رهيا آهيون، جلد ان حوالي سان گڏيل پروگرام جو اعلان ڪندس. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ سفيرن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته جتي اڄ پاڪستان آهي، آئون سمجهان ٿو ته هي اسان جي وڏو موقعو آهي، ان مان هڪ شئي واضح ٿي ويندي ته پاڪستان ائين اڳتي نٿو وڌي سگهي، ان مان نڪرڻ جي لاءِ اسان کي مائنڊ سيٽ تبديل ڪرڻو پوندو. فراڊ قسم جي مائنڊ سيٽ سان اسان کي گهڻو نقصان رسايو ويو. هن چيو ته ملڪ هڪ گهر جيان هوندو آهي ۽ گهر قرض تي ناهي هلندو، وڏا وڏا پيسي وارا ماڻهو قرض وٺي تباهه ٿي ويا، ملڪ جي آمدني وڌائڻ بدران شارٽ ڪٽ وٺندا رهيا، قرض وٺندا رهيا، اسان اُهي فيصلا شاٽ ٽرم ۾ ته فائدو مليو پر ان کان پوءِ معاشري تي اثر پيا. عمران خان جو چوڻ هو ته اسان هڪ قوم نٿا بڻجي سگهون، اسان مختصر مدي جي مفاد لاءِ غلط فيصلا ڪيا، ٻاهرين قرضن سان اشرافيه فائدو ورتو هن ملڪ جي ايليٽ پنهنجي پاڻ کي لبرل بڻائي ڇڏيو ۽ ورڇ پيدا ڪري ڇڏي، اسانن جي ايليٽ دنيا ۾ پاڻ پنهنجي ساک خراب ڪئي، هن ملڪ جي اميج خراب ڪرڻ اسان جو پنهنجو وڏو هٿ آهي. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي سفيرن جي ضرورت آهي، انهن کان اُهو ڪم ورتو وڃي جيڪو اڄ تائين ناهي ورتو ويو، پرڏيهي کاتي، سفيرن ۽ گهرو وزارت کي ڪو آرڊينيشن ضروري آهي. هن چيو ته اسان کي ٻين تي دارومدار واري پاليسي ترڪ ڪرڻي پوندي، پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ اسان کي رنڊڪون ختم ڪرڻيون پونديون، اسان کي ٽيم ورڪ گهرجي جيڪو اڄ تائين ناهي رهيو. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غربت جو خاتمو ۽ ڪمزور طبقي کي سهارو ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم عمران خان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثانيه نشتر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊاڪٽر ثانيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت مختلف معاملن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان چيو ته غربت جو خاتمو ۽ ڪمزور طبقي کي سهارو ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته رياست احساس جو نالو آهي، جيڪا معاشري جي ڪمزور طبقي کي مٿي کڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي آهي. سندس چوڻ هو ته  اهڙا پروگرام جوڙي رهيا آهيون جيڪي  ماڻهن کي غربت جي چنبي مان ڪڍن، غربت جي خاتمي، بيروزگاري ماڻهن کي هنر جي فراهمي جي پروگرام کي جلد اخري شڪل ڏني وڃي جڏهن ته وزيراعظم ڊاڪٽر ثانيا نشتر کي هدايت ڪئي ته غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ خاندانن جي خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو وڃي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *