پاڪ فوج سڄي ملڪ ۾ آپريشن ردالفساد جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (اين اين آءِ) پاڪ فوج مطابق سڄي ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ رد الفساد جي نالي سان آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن رد الفساد جو مقصد بنا ڪنهن فرق جي ملڪ ۾ بچيل سچيل دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ آهي، اهو به چيو ويو آهي ته ان آپريشن سان سرحد جي سيڪيورٽي به يقيني بڻجندي، ان آپريشن ۾ هوائي فوج، نيوي، سول فورسز ۽ وڌيڪ سيڪيورٽي ادارا به حصو وٺندا، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت ۾ لاهور ۾ عسڪري قيادت جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، بيان موجب آپريشن رد الفساد نيشنل ايڪشن پلان جو حصو آهي جنهن دوران پنجاب ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رينجرز وڏي پيماني تي ڪارروائي ڪندي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ ۽ بارودي مواد کي قبضي ۾ وٺڻ آپريشن جا اهم جز آهن، آپريشن رد الفساد سان نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرڻ به آهي جنهن دوران پنجاب ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رينجرز وڏي پيماني تي ڪارروائي ڪندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *