پاڪ فوج دفاعي شعبي ۾ قطر جي هٿياربند فوجن سان سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي: جنرل قمر جاويد باجوه

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان قطري فضائي جي سربراهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي صلاحيت ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي وٺ ڪئي ويئي پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق پاڪستان جي دوري تي آيل آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان قطر اميري ايئرفورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل سليم حماد آلنابت ملاقات ڪئي آرمي چيف چيو ته برادر ملڪ قطر سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو پاڪ فوج دفاعي شعبي ۾ قطر جي هٿياربند فوج سان لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي. قطر فضائيه جي سربراهه علائقائي امن ۽ سلامتي ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي ساراهه ڪئي هن چيو ته قطر جي فوج جي تربيت ۾ پاڪ فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *