اسامه جي پاڪستان ۾ مارجڻ کي زرداري خوشي جي خبر قرار ڏنو : اوباما جو ڪتاب ۾ انڪشاف

واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر بارڪ اوباما پنهنجي نئين ڪتاب ”اي پرامسڊ لينڊ“ ۾ لکيو آهي ته القاعدا جي اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن جي مارجڻ کانپوءِ پاڪستان طرفان سخت ڪال جي اميد ڪري رهيو هيس پر ان جي ابتڙ ٿيو. پاڪستان جي شهر ايبٽ آباد ۾ نيوي سيلز جي آپريشن ۾ القاعدا جي اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن جي مارجڻ جي حوالي سان بارڪ اوباما پنهنجي نئين ڪتاب ۾ لکيو ته منهنجو خيال هو سڀ کان سخت فون ڪال پاڪستاني صدر آصف علي زرداري جي هوندي، ڇو ته ان واقعي کانپوءِ ان تي سڄي ملڪ مان دٻاءُ هوندو ته پاڪستان جي سلامتي کي ڇيهو رسيو آ. اڳوڻي آمريڪي صدر موجب مون کي لڳي پئي ته آصف زرداري سان فون ڪال تي ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو پر جڏهن مان هن سان رابطو ڪيو ته ائين صفا نه هو، آصف زرداري چيو ته جيڪو به ردعمل هجي، اها خوشي جي خبر آهي. اوباما پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته آصف زرداري ان فون ڪال تي واضح طور جذباتي هو ۽ هن پنهنجي گهرواري بينظير ڀٽو جو به ذڪر ڪيو، جنهن القاعدا سان سلهاڙيل شدت پسندن کي ماريو هو. سندس موجب جڏهن مان صدارت جو عهدو سنڀاليو ته ان وقت آمريڪي اختيارين اسامه بن لادن جو پتو لڳائڻ جو سلسلو تقريبن ڇڏي ڏنو هو پر مان ان کي سڀ کان پهرين ترجيح بڻايو ۽ مئي 2009 ۾ ئي پنهنجي ويجهن صلاحڪارن کي چئي ڇڏيو هو ته اسامه جو پتو لڳائڻ چاهيان ٿو، تنهن ڪري منصوبو جوڙيو وڃي ۽ هر 30 ڏينهن کانپوءِ عمل درآمد رپورٽ کان آگاهه ڪيو وڃي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته ان منصوبي کي انتهائي ڳجهو رکيو ويو هو ۽ انتظاميا جي ڪجهه ماڻهن کانسواءِ ڪنهن کي ان جو علم نه هو، پاڪستاني اختيارين کي به ان منصوبي جي ٻِڙڪ تائين پوڻ نه ڏني وئي، منهنجي ويجهي ساٿين مان اڪثريت نيوي سيلز کي موڪلڻ تي راضي هئي پر جو بائيڊن صبر ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ نيوي سيلز کي پاڪستان موڪلڻ جي مخالفت ڪئي. اوباما پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ان وقت جو بچاءَ وارو سيڪريٽري رابرٽ گيٽس به ان حملي جي خلاف هو ۽ ان ئي ڳالهه کي جواز بڻائيندي جو بائيڊن به پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو هو ته مشن جي ناڪامي جي صورت ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال انتهائي ڏکي ٿي ويندي. سندس بقول جو بائيڊن جو موقف هو ته آپريشن جي منظوري کان اڳ ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن جي موجودگي جي تصديق ڪئي وڃي ۽ پوءِ 2011 ۾ پهرين ۽ ٻي مئي جي وچين رات ڪيل حملي ۾ اسامه بند لادن کي ماريو ويو. اڳوڻي آمريڪي صدر پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته جڏهن نيوي سيلز اسامه بن لادن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي ته مون کي ڪجهه حوصلو مليو ۽ مان ان جو اطلاع اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن ۽ جارج ڊبليو بش کي ڏنو ۽ ان کانپوءِ ڪجهه اتحادي ملڪن سان رابطو ڪيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *