پاڪ فوج جي ڀارتي فورسز خلاف جوابي ڪارروائي، 4 فوجي مارجي ويا، چوڪيون تباهه

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) لائن آف ڪنٽرول تي چڙ ڏياري سول شهرين کي نشانو بڻائڻ تي پاڪ فوج ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارت جون ڪيتريون ئي چوڪيون تباهه ڪري ڇڏيون آهن. آءِ ايس پي آر موجب برهان واني جي ورسي تي سڄي دنيا ۾ ڪشميرين ڀارتي اڳرائيءَ خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي ڀارتي فوج ايل او سي ۾ راولا ڪوٽ سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ ڪئي. ڀارتي فوج تيتري نوٽ، مانوا، ستوال ۽ چفر جي ڳوٺن ۾ شهري آباديءَ کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ چئن عورتن سميت 5 بي گناهه شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ننڍي عمر جي ٻارڙن سميت پنج ماڻهو زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ڀارتي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائيءَ ۾ 2 ڀارتي چيڪ پوسٽون تباهه ٿي ويون ۽ 4 ڀارتي فوجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان ڀارتي چوڪيون تباهه ڪرڻ جي وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *