ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ آپريشن ردالفساد ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊز ڪانفرنس ۾ آپريشن ردالفساد ۾ ٿيندڙ اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ خطي جي سلامتي صورتحال سميت آپريشن ردالفساد ۾ ٿيندڙ اڳڀرائيءَ جو به جائزو ورتو ويو، پاڪ فوج جي ترجمان مطابق ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ وچ اوڀر ۽ افغانستان جي صورتحال جي پاڪستان تي اثرن جو به جائزو ورتو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ ملڪي مفاد کي سامهون رکندي مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *