پاڪ فوج جي نگراجي ۾ ايندڙ سال آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف جي سربراهي ۾ گڏيل مفادن وارن ڪونسل ايندڙ سال ملڪ ۾ پاڪ فوج جي نگراني ۾ آدمشماري ۽ گهر شماري جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نوازشريف جي سربراهي ۾ گڏيل مفادن واري ڪونسل جي اجلاس ۾ سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏن وزيرن ۽ وفاقي ۽ صوبائي ناڻي وارن وزيرن سميت اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. بلوچستان جو وڏو وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ملڪ کان ٻاهر نه هئڻ سبب اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيو. اجلاس ۾ ڇهين آدمشماري، بجلي جي پيداوار بابت پاليسي، گيس جي ورهاست ۽ 18 هين ترميم جي روشني ۾ وفاقي ملازمن جي صوبن کي منتقلي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب گڏيل مادن واري ڪونسل ۾ پاڪستان حلال اٿارٽي جي قيادتم بابت بل جي مسودي جي منظوري ڏني وئي جنهن سان حلال شين جي ڪاروبار ۾ ملڪ کي فائدو ٿيندو. انهيءَ موقعي تي پاور پاليسي 2015، پيٽروليم پاليسي 2009 ۽ 2012، ماڊل پيٽروليم ڪنسيشن ايگريمنٽ ۾ ترميم ۽ پاڪستان آئل ٽرانسپورٽيشن اينڊ سيوريج رولز جي منظوري به ڏني وئي هئي، وزيراعظم بجلي ۽ پاڻي واري وزير خواجه آصف کي پاور پاليسي تي صوبن جا خدشا 10 ڏينهن ۾ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گڏيل مفادن واري ڪونسل جي اجلاس دوران نيپرا جي سالياني رپورٽ سال 13-2012 ۽ صنعتن جي صورتحال بابت سالياني رپورٽ 2013 به پيش ڪئي وئي، وزيراعظم ريگوليٽري اٿارٽيز جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو ته اڃا تائين ڪنهن به اداري ۾ نجڪاري ناهي ڪئي وئي پر ريگوليٽري اٿارٽيز پنهنجو ڪم جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *