آدرشن کان ڏور ٿيندڙ سنڌي سماج ؛منصور

هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن اڃا سنڌ ۾ تعليم وکر _سو به مهانگو_ نه بڻي هُئي ۽ اُستاد، اُستاد ئي هُئا اڃا ماستر نه بڻيا هُئا، ماڻهوءَ ۾ احساس جاڳندو هو ۽ اُهي نئين خيال جي آبياريءَ جي سحر ۾ ورتل هوندا هُئا. هر ڄمار جي ماڻهوءَ جي ڪتابن سان دوستي هوندي هُئي. اخبارون عادتن نه پر آگاهيءَ خاطر پڙهيون وينديون هيون. هڪ ٻئي جي اصلاح خاطر ماڻهو ڪوهن جا ڪوهه سفر ڪري ويندو هو. ڪيترين ئي سياسي تنظيمن ۾ اسٽڊي سرڪل جي روايت هوندي هُئي. علائقائي سطح تي تنظيمون پڙهيل لکيل ماڻهن کي سڏائي انهن کان ليڪچر ڪرائينديون هيون. شاعر قومي گيت لکندا هُئا ۽ ڇتي پابنديءَ باوجود به ليکڪ ڊرامن توڙي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي بقا جي حوالي سان ڳالهيون ڪري ويندا هُئا، ۽ ائين لڳندو هو ته سنڌ ۾ ڪجهه نئون ٿيڻ وارو آهي، ڪا نواڻ اچڻ واري آهي، جنهن سان سنڌ جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ بهتري ايندي، اُهي سنڌ جي وسيلن جا وارث سمجهيا ويندا، ۽ ائين سنڌ توڙي سنڌي ماڻهو خوشحاليءَ جي راهه تي هلڻ لڳندا.

ان ڳالهه کي اڄ ٽيهه ورهين کان وڌيڪ عرصو گُذري چُڪو آهي، نئين خيال جي سحر ۾ گرفتار اُن دؤر جا جهونا مٽيءَ ۾ مدفون ٿي چُڪا، جيڪي زندهه آهن، تن جا گوڏا هلڻ کان جواب ڏئي ويا. جڏهن ته انهن جا پونئير اڄ يا ته ڪامورا بڻجي ويا آهن يا بلڊر. سنڌ ۾ نواڻ وارو اُهو خيال مرڻينگ حالت ۾ آهي، تنظيمن وٽ ڪا واضح پاليسي، ڪو پروگرام يا ڪا حڪمت عملي باقي ناهي رهي، بس”وٺ رينگٽ کي“ جهڙو حال وڃي رهيو آهي سندن. ڌرتيءَ جي درد کي روح سان لکڻ وارن قلمڪارن ۾ ڏڪار اچي چُڪو آهي. ڪامريڊ راحتن ۽ فرحتن جا هيراڪ ٿي چُڪا آهن. کامن، کيڙين ۽ ٻني ٻاري ۾ هلڻ کانئن پُڄي نٿو، بس اخباري بيانن ذريعي پاڻ کي زندهه رکيو اچن، جنهن سبب سنڌ ۾ نئين صُبح واري اُميد ۽ آس جا آثار ميسارجڻ لڳا آهن.

ورهاڱي کان اڳ ۽ هاڻ واري سنڌ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. اڳ جنهن رفتار سان سنڌ ترقي ڪري رهي هُئي، تنهن رفتار سان هينئر تنزليءَ طرف وڃي رهي آهي. ڪيٽين ۽ قبيلن ۾ تقسيم ٿيندڙ سنڌ اجتماعي ڌارا مان جيئن پوءِ تيئن وڃي ٿي نڪرندي. امن ۽ سُڪون جي ساک ڀريندڙ سندس ٻهراڙيون وحشتن جي علامت بڻجي ويون آهن. جتي رت جو ڪاروبار هلي رهيو آهي،

ڪاروڪاري، دشمنيون، قبيلائي جهيڙا، ڌاڙا ڦُرون ۽ ٻيو اُهو سارو گهمسان، جنهن کي سوچيندي ڏوهه به ڏڪڻ لڳن، سو اسان جي ٻهراڙين جو معمول بڻجي چُڪو آهي. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا سُڪڙجي ڳوٺ جي صورت اختيار ڪندي پئي وڃي، تڏهن سنڌ جا ماڻهو هڪٻئي لاءِ به اوپرا ٿيندا پيا وڃن. دشمنن جي قئنچي صدين کان قائم ناتن ۽ رشتن کي اهڙي ته بيدرديءَ سان ڪتري رهي آهي، جو سندن گڏجڻ جي ناممڪن نه تڏهن به مشڪل ضرور بڻجي چُڪو آهي.

اهڙي صورتحال ڪنهن به سماج لاءِ ڳڻتيءَ جي ڳالهه هوندي آهي، پر اسان جا سياستدان ان طرف اڇاتري نگاهه اُڇلائڻ لاءِ به تيار نه آهن. ضياءَ جي دؤر ۾ ڇٽيل نفرتن جي ان ٻج جو ڦل حقيقت ۾ جمهوري دؤر جي هر حڪومت ۾ شامل رهندڙ سردارن ۽ جاگيردارن ئي ماڻيو آهي، جيڪي هر دفعي برادري ۽ قبيلائي بنياد تي کٽي اقتداري ايوانن تائين پهچندا رهن ٿا. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته جتي ضياءَ جي ٻين سڀني بُراين جي خاتمي لاءِ قانون سازي ڪئي وئي هُئي، اُتي هن ناسور لاءِ پڻ سخت قانون جوڙيو وڃي ها ته جيئن امن جي ڇانوَ ۾ رهندي هتي جا ماڻهو قوم کي ترقيءَ جي راهه تي وٺي اچن ها، پر اِهو انهن لاءِ ائين هو جيئن گهوڙي جو گاهه سان دوستي رکڻ. ڇو ته ڪڏهن آفتون ته ڪڏهن زرعي مرض، ڪڏهن پاڻي مند تي پهچي ته ڪڏهن ڪونه، مطلب ته فصل ڪڏهن ٿين ته ڪڏهن نه، اهڙي صورت ۾ ولايت جا چڪر، زندگيءَ جو عيش آرام، اليڪشنون اِهو سڀ ڪيئن ممڪن ٿئي؟ سو تن لاءِ قبيلائي تڪرار سوني جهرڪيءَ مثل هُجن ٿا. سي ڀلا پنهنجي آمدنيءَ جا رستا بند ڇو ڪرائڻ چاهيندا؟

اهڙي قانونسازي ڀُٽي صاحب ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي پهرئين دؤر ۾ ٿي پئي سگهي، پر افسوس ته سندن پارٽي _شروع وارو ڪجهه عرصو ڇڏي_ اڄ تائين جاگيردارن ۽ سردارن جي نرسري بڻيل رهي آهي. جيڪڏهن ڪو جاگيردار يا سردار حالتن سبب پوئتي به پئجي وڃي ٿو ته سندس اقتدار ۾ اچڻ جي دير آهي ۽ پوءِ سڀ ڪسرون پوريون ٿيو وڃن. پر جيئن تعليم ۽ استادن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمون گوسڙو استادن ۽ بند پيل اسڪولن بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن هونديون، اهڙي طرح هن پارٽيءَ ۾ به احتساب جو ڪو نظام ناهي، نه ئي ان جو حصو بڻيل سردار ۽ جاگيردار اهڙي ڪلچر کي جُڙڻ ڏين ٿا.

اهڙي صورتحال ۾ اصل امتحان انهن نوجوانن جو آهي جيڪي پهريون ڀيرو اسيمبلين تائين پهتا آهن، منجهن جوش ۽ جذبو به آهي ته هُو عوامي مسئلن جي به گهڻي حد تائين واقفيت رکن ٿا. بجيٽ تي بحث واري اجلاس ۾ جيڪي ڪجهه سردار شاهه ڳالهايو هو، تنهن جي وڊيو ڪلپ سوشل نيٽ ورڪ ذريعي اسان تائين به پهتي هُئي.

سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ڪيل سندس گفتگو ۽ اسيمبليءَ جي اهميت بابت ڏنل دليل جنهن به ٻُڌا هوندا، يقينن انهن کي وڻيا هوندا، پر اُن دؤران سينئر ميمبرن جي چهرن تي اُڀري آيل بيزاري ۽ ناگواريءَ جا تاثر ڏسي يا اسپيڪر پاران اختيار ڪيل طنزيه رويي مان بخوبي اندازو ٿيو پئي ته جيڪي ماڻهو سنڌ جي تاريخ بابت ڪجهه ٻڌڻ ئي پسند نٿا ڪن، سي سنڌ جي بهتريءَ لاءِ ڇا ڪرڻ چاهيندا هوندا! يا منجهانئن سنڌ کي ڪيتري اُميد رکڻ گهرجي. هڪ طرف ڪراچيءَ جي گٽرن تي ڳالهائيندڙ شهري تنظيمن جي نمائندن کي ته بغور ٻڌڻ پسند ڪن ٿا پر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڳالهه ٿيڻ وقت سندن مُنهن جو پنو لهيو وڃي!

ائين ڇو آهي، تنهن بابت ته تاريخ جا ڄاڻو ئي ڪجهه ٻڌائي سگهندا، پر هن ننڍڙي ذهن ۾ جيڪي ويچار جاءِ والارين ٿا، سي اِئين آهن ته اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيلن جي اڪثريت انهن جي آهي، جن جا وڏا مختلف وقتن تي ڪڏهن والار جي خيال کان ته ڪڏهن مذهبن جي آڙ ۾ هن ڌرتيءَ تي ڪاهون ڪري آيا هُئا. کين هتي ئي صديون گذري ويون، سندن ٻوليون ۽ رهڻي ڪرڻي بدلجي وئي، پر جي نه بدلي ته ٻين کي محڪوم بڻائڻ واري سندن فطرت. اڄ به هُو هر حوالي سان حاڪماڻو رويو اختيار ڪيو اچن. سنڌ ۽ سنڌ جي مسئلن جي حوالي سان سندن انوالمينٽ ايتري ئي آهي، جيتري ڪنهن ماڻهوءَ جي پاڙيسرين سان هُجي.

هنن سنڌ کي وطن بجاءِ فقط زمين ئي تصور پئي ڪيو آهي. زمينون يا ته کيڙبيون آهن يا انهن تي والار ڪئي ويندي آهي. سو اهڙن ماڻهن جو ڀلا آدرشن سان ڇا وڃي؟ سنڌي سماج جيڪڏهن تباهه ٿيندو هُجي ته اُڪو وڃي ٿئي، تنهن سان کين ڪو به سروڪار ناهي، بس هُو ته پنهنجي فطرت جي حساب سان حقِ حاڪميت جي واٽ تي هلي رهيا آهن.

پر افسوس انهن ماڻهن تي ٿئي ٿو، جن ڪالهه اُميدن جا گُل پوکيا هئا سي نه ڄاڻ اڄ زماني جي گردش ۾ الائي ڪٿي گم ٿي ويا آهن کين معلوم هجڻ گهرجي ته راندين جيان تحريڪن جي به ٽائيمنگ هوندي آهي جيڪو ڪجهه هنن ڪالهه ڪيو ٿي، سو حقيقت ۾ هنن حالتن ۾ ڪرڻ گهربو هو، پر اڄ سندن پُراسرار ماٺ ڏسي اِهو خيال پيدا ٿئي ٿو ته هُنن ڪجهه تبديل ڪرڻ گهريو به ٿي يا سردارن ۽ جاگيردارن جي صفن ۾ ويهڻ جي اِها مشق هئي!

************

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *