پاڪستان 30 لک کان وڌيڪ مهاجرن جو بار برداشت ڪندو رهيو آهي: اسحاق ڊار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان 30 لک کان وڌيڪ مهاجرن جو بار برداشت ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻن لاڳاپن جي پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهيون، پاڪستان نئين آمريڪي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڏهاڪن تي مشتمل ڀائيواري آهي، ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته آپريشن بعد 75 سيڪڙو ماڻهو واپس وڃي چڪا آهن، فاٽا آپريشن سبب 13 لک ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي، هن چيو ته آمريڪا سان دفاع ۽ معيشت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۾ سرمائيدارن کي مڪمل تحفظ حاصل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *