قوم جو آصف زرداري کي ايمانداري جو ليڪچر ۽ سرٽيفڪيٽ ڏيڻ قيامت جي نشاني آهي: چوڌري نثار

ٽيڪسلا (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته آصف علي زرداري پاران قوم کي ايمانداري تي ليڪچر ۽ ماڻهن کي 62، 63 تي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ قيامت جون نشانيون آهن عجب ڪرپشن جي غذب ڪهاڻي وارا ماڻهو وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ جو چئي رهيا آهن عدالتي فيصلي کي سياست جي ور نه چاڙهڻ گهرجي، سومر يا اڱاري تي باقاعده طور تي ڊان ليڪس جي رپورٽ ملي ويندي انهيءَ رپورٽ وزيراعظم نواز شريف کي پيش ڪندس، ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته عدالتي فيصلي تي به عدالتون لڳي رهيون آهن پر جيڪڏهن ان کي سٺي انداز سان ڏٺو وڃي ته اهو هڪ گڏيل فيصلو آهي، چوڌري نثار چيو ته چيو ٿو وڃي ته ٽي جج هڪ طرف ۽ ٻه جج هڪ طرف هئا پر اهو درست نه آهي. جيتري قدر مان ڄاڻان ٿو ته ٻن ججن پنهنجي راءِ جو اظهار ضرور ڪيو آهي پر جي آءِ ٽي ٺاهڻ لاءِ سمورن ججن جون صحيحون موجود آهن. ڪو ئي به عدالتي فيصلو ڪنهن جي خواهش موجب ناهي، قانون ۽ آئين مطابق ٿيندو آهي چوڌري نثار چيو ته وزيراعظم سختي سان هدايت ڪئي آهي ته ٻن يا ٽن جي ڳالهه نه ڪئي وڃي ۽ نه ئي ججن جي باري ۾ ڪا ڳالهه ڪئي وڃي اسان وٽ سٺن کان وڌيڪ بري ڪم جي تعريف وڌيڪ ٿئي ٿي. گهرو وزير چيو ته معاملو اڃا به عدالت ۾ آهي ۽ ان ئي عدالت تي ئي ڇڏڻ گهرجي. الزام هڻڻ وارن وٽ جيڪڏهن شاهديون موجود ناهن نواز شريف جي خلاف ابتي گنگا وهائي پئي وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته ثبوت به پاڻ ڏئي. مخالف ڌر ڦڏو چاهين ٿا پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري تي تنقيد چيو ته آصف علي زرداري پاران قوم کي ايمانداري تي ليڪچر ۽ ماڻهن کي 62، 63 تي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ قيامت جون نشانيون آهن عجب ڪرپشن جي غذب ڪهاڻي وارا ماڻهو وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ جو چئي رهيا آهن عدالتي فيصلي کي سياست جي ور نه چاڙهڻ گهرجي. هن چيو ته مان صرف الله تعاليٰ آڏو جوابده آهيان نواز شريف يا ڪنهن عدالت جي آڏو نه. هن وڌيڪ چيو ته عدالتي فيصلي کانپوءِ ته ڪيلين کي پري لڳي ويا آهن جيڪي پنهنجي خواهش موجب فيصلي چاهين ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *