پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 31 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، 1757 نوان ڪيس به رپورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ڪرونا مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ هڪ دفعو بيهر 31هين نمبر تي اچي ويو اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڪرونا وائرس جا وڌيڪ هڪ هزار 757 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڌيڪ 31 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا، وڌيڪ هڪ هزار 765 مريض صحتياب ٿي ويا جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.60 سيڪڙو ٿي وئي پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا هن وقت تائين 27 هزار 597 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن جڏهن ته ڪل مريضن جو انگ 12 لک 40 هزار 425 ٿي چڪو آهي ملڪ ۾ اسپتالن آئسوليشن سينٽرز وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 50 هزار 651 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 4 هزار 33 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته 11 لک 62 هزار 177 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 48 هزار 732 ٽيسٽون ڪيون ويون جڏهن ته هن وقت تائين ڪل هڪ ڪروڙ 92 لک 40 هزار 519 ڪرونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪل 7 ڪروڙ 61 لک 41 هزار 484 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته 2 ڪروڙ 54 لک 93 هزار 964 ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ ٻين صوبن کان وڌيڪ 4 لک 55 هزار 808 ٿي چڪو آهي ڪل فوتگيون 7 هزار 350 ٿي ويون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *