حڪومتي دعوائون ڌوڙ، ملڪ ۾ بيروزگاري عروج تي، تعليم يافته ماڻهو به روزگار کان محروم ھئڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان انسٽيٽِوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پي آئي ڊي اي) چيو اهي ته ملڪ ۾ هن وقت 24 سيڪڙو پڙهيل لکيل ماڻهو بيروزگار آهن سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي رٿابندي ۽ ترقي بابت قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي پي آئي ڊي اي ٻڌايو ته ملڪ ۾بيروزگاري جي شرح 16 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪا 6.5 سيڪڙو جي حڪومتي دعويٰ جي ابتڙ آهي ڪميٽي کي ٻڌايوويو ته ملڪ ۾ 40 سيڪڙو پڙهيل لکيل عورتون بيروزگار آهن هتي پڙهيل لکيل جي اصتلا مان مراد اهي ماڻهو آهن جن انڊر گريجوئيٽ يا گريجويشن جي ڊگري حاصلڪئي آهي جيڪا کين نوڪري ڳولڻ جي قابل بڻائي ٿي پي آئي ڊي اي جي عهديدارن نشاندهي ڪئي تهڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهو بهتر روگار جي ڳولا ۾ گهڻي جدوجهد ڪرڻ جي ڪري ايم فل ۾ داخلا وٺن ٿا ته جيئن سکڻ جو عمل جاري رهي ان سان به بيروزگاري جي شڙح گهٽجي وئي ڇو ته اهي ماڻهو انگن اکرن ۾ شامل نه آهن عهديدارن سينيٽ ڪميٽي کي ٻڌايو ته تازو ئي هڪ هاءِ ڪورٽ جي پٽيوالي جي نوڪري جي اشتهار جي جواب ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 لک ماڻهن درخواستونڏنيون عهديدارن جو چوڻ هو ته ان نوڪري لاءِ درخواستون ڏيندڙن ۾ ايم فل جي ڊگري ڪندڙ ماڻهو به شامل هئا ڪميٽي جي چيئرمين سليم مانڊوي والا ملڪ ۾ تعليم يافته نوجوانن ۽ ٻارڙن جا صحيح انگ اکر گهري ورتا جنهن جي جواب ۾ پي آئي ڊي اي عملدارن چيو ته حڪومتي سطح تي ڪائي تحقق نه پئي ڪئي وڃي پر اهڙي قسم جا سمورا مطالعا ٻاهرين ملڪ مان ڪيا ويا آهن. عهديدارن چيو تهنيپرا سميت اهم بل به ٻاهر ويٺل ماڻهن ٺاهيا ملڪ ۾ ريسرچ لاءِ وڏيون وڏيون عمارتون ٺاهيو ويو آهن پر انهن ۾ ڪائي تحقق نه ڪئي وڃي هلندڙ سال جون ۾ جاري ٿيل اقتصادي سروي سال 2020-21 مطابق ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب لڳايل لاڪ ڊائونز روزگار جي صورتحال تي سخت اثر وڌا ۽ اٽڪل 2 ڪروڙ 7 لک کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *