پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 135 ڄڻا فوت، 2 هزار 566 ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 135 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2566 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وبا وگهي فوتين جو مجموعي انگ 19 هزار 752 ٿي ويو آهي، اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن ۾ 29801 ٽيس ڪيا ويا، هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي8 لک لک 82 هزار ماڻهو وائرس ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته 7 لک 95 هزار 511 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا ۽ 19752 ماڻهو وائرس وگهي فوت ٿي ويا آهن، هن کان علاوه سڄي ملڪ ۾ هيل تائين مجموعي طور تي 9 لک 64 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين لڳائي وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *