صحافين جي تحفظ جو بل: پ پ ۽ پي ٽي آءِ آمھون سامھون، بل اسپيڪر حوالي

اسلام آباد (م.ڊ)قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ صحافين جي تحفظ جو بل 2021ع نفيسا شاهه طرفان ايوان ۾ پيش ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي شيرين مزاري ڳالهائيندي چيو ته نفيسا شاهه طرفان جيڪو صحافين جي تحفظ جي حوالي سان بل پيش ڪيو ويو آهي اهو لفظ به لفظ منهنجو بل آهي، مان اهڙي بل تي ڏيڍ سال کان محنت ڪري رهي آهيان، ڪالهه واري قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ به بل شامل هو، پر فلسطين جي معاملي تي ايجنڊا ملتوي ٿيڻ ڪري ان بل تي بحث نه ٿي سگهيو، هي بيماري آهي ته محنت هڪڙو ڪري ۽ بل ٻيو پيش ڪري، مون ڪڏهن به انساني حقن جي معاملي تي مخالف ڌر جي ڪنهن به بل جي مخالفت ناهي ڪئي، پر هي هڪ هڪ لفظ منهنجو آهي، جيڪو هتي پيش ڪيو ويو آهي، مان اهڙي طريقيڪار کي رد ڪريان ٿي، جيڪڏهن بل ۾ ڪا ترميم ڪرڻي هجي ها ته اهڙي ترميم آڻي سگهجي پئي، پر هي مڪمل طور تي ڊرافٽ ئي منهنجو آهي جيڪو پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جي جواب ۾ نفيسا شاهه چيو ته مان اهڙن الزامن کي رد ڪريان ٿي، اهو بل 2012ع اسان پيش ڪيو، اهڙو بل 2012ع کان گهمي رهيو آهي، ڪڏهن هڪڙي ڪابينا ته ٻي ڪابينا، ڪڏهن هڪڙي ڪميٽي ته ڪڏهن ٻي ڪميٽي، ان بل کي ڊرافٽ ڪرڻ ۾ ميڊيا هائوسز ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ سان گڏجي ڪم ڪيو، پر جيئن هتي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو تبديل ڪيو ويو تيئن ئي هن بل سان ڪيو پيو وڃي، جنهن تي اسپيڪر نفيسا شاهه کي چيو ته هي بل توهان ڪڏهن ڊرافٽ ڪيو هو ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ڪڏهن توهان جي مدد ڪئي هئي، جنهن تي نفيسا شاهه چيو ته 2012ع ۾ هي بل ڊرافٽ ڪيو هو، جنهن تي شيرين مزاري چيو ته خدا جي واسطي ڪوڙ نه ڳالهايو هي بل مان ۽ منهنجي ڌيءَ گڏجي محنت ڪري جوڙيو آهي، توهان لفظ به لفظ ساڳيو پيش ڪيو آهي، جيڪڏهن توهان بل پيش ڪيو هو ته پوءِ پاس ڇو نه ڪيو، جنهن دوران پيپلزپارٽي جي ايم اين اي نويد قمر ڳالهائيندي چيو ته هن بل کي ان تناظر ۾ ڏسو ته اها ڳالهه خوش آئيند آهي ته 2012ع ۾ اهو بل نڪتو ۽ موجوده حڪومت به ان کي سپورٽ ڪندي نظر اچي ها، هن بل کي اکين تي رکي قبول ڪري ها، هن چيو ته هن بل کي ڪميٽي ۾ وڃڻ گهرجي بجاءِ مخالفت ڪرڻ جي،جنهن دوران مسلم ليگ ن جي مريم اورنگزيب ڳالهائيندي چيو ته رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ مان ڳالهه ڪري رهي آهيان افسوس به ٿي رهيو آهي ته هتي صحافين کي اغوا ڪيو پيو وڃي، گوليون هنيون پيون وڃن، غائب ڪيو پيو وڃي پر انهن جي ڪا خبر چار نه ٿي پوي، پر هتي ڪريڊٽ کڻڻ جي بنياد تي بل کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، هي بل 2015ع ۾ اسان پيش ڪيو هو، هن چيو ته جي ايس پي پلس کي رويو ڪرڻ جو جيڪو مامرو آهي اهو به صحافين جي معاملي تي ئي ٿي رهيو آهي، هن کي سنجيدگي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي، جنهن تي شيرين مزاري مريم اورنگزيب کي جواب ڏيندي چيو ته جيڪو توهان 2015ع ۾ بل پيش ڪيو هو، ان کي ميڊيا وارن کي رد ڪري ڇڏيو هو، هي بل منهنجو آهي مون ڪالهه پيش ڪيو هو، جنهن دوران بابر اعواڻ ڳالهائيندي اسپيڪر کي چيو ته ٻئي بل توهان پاڻ ڏسو، جنهن تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته مون کي ڪجهه وقت ڏيو، مان ٻنهي بلن کي پاڻ ڏسان ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *