پاڪستان ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 144 ۽ پوري دنيا ۾ 12 ھزار ماڻهو فوت، ساڍا 8 لک ڪيس ظاھر

نيويارڪ/اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي گذريل 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 144 ماڻهو فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ هن وقت تائين فوتگين جو انگ 16 هزار 842 ٿي ويو ملڪ ۾ ڪرونا ڪيس هاڪاري اچڻ جي شرح اٽڪل 11 سيڪڙو رهي، اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق وڌيڪ 144 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا. 5 هزار 685 مريض صحتياب ٿي ويا. ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي فوتگين جو گڏيل انگ 16 هزار 842 ٿي ويوآهي ڪل مريضن جو انگ 7 لک 84 هزار 108 ٿي چڪو آهي 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 53 هزار 818 ٽيسٽون ڪيون ويون جڏهن ته هن وقت تائين ڪل هڪ ڪروڙ 14 لک 31 هزار 241 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينه سينٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا ڪل 84 هزار 976 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 4 هزار 652 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي 6 لک 82 هزار 290 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحياب ٿي چڪا آهن ٽين لهر دوران پنجاب ۾ ڪرونا وائرس جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن جتي ڪرونا مريضن جو انگ ٻين صوبن کان وڌيڪ ٻه لک 82 هزار 469 ٿي ويو جڏهن ته هتي ڪل فوتگيون به ٻين صوبن کان وڌيڪ آهن جيڪي 7 هزار 799 ٿي چڪيون آهن سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريصن جو انگ 2 لک 75 هزار 815 ٿي چڪو آهي جڏهن ته 4 هزار 576 فوتگيون ٿيون خيبرپختونخواهه ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 10 هزار 875 آهي 3 هزار 29 ماڻهو فوت ٿي چڪا اسلام آباد ۾ 72 هزار 150 متاثر مريض هن وقت تائين ظاهر ٿيا آهن جتي ڪل 652 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن بلوچستان ۾ 21 هزار 365 مريض هن وقت تائين رپورٽ ٿيا آهن هتي 227 ماڻهو هن وبا وگهي لاڏاڻو ڪري چڪيا آهن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪرونا وائرس جا هن وقت تائين 16 هزار 193 مريض رڪارڊ ٿيا آهن ان سبب هن وقت تائين هتي ڪل 455 مريض لاڏاڻو ڪري چڪي آهن گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 241 ڪرونا وائرس جا مريض ظاهر ٿيا آهن جڏهن ته هن وقت تائيبن 104 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.  دنيا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڪرونا وائرس جا ساڍا 8 لک کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن جڏهن ته هن وبا وگهي ساڍا 12 هزار کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن دنيا ۾ ڪرونا متاثر ماڻهن جو انگ 14 ڪروڙ 53 لک 44 هزار 801 ٿي ويو آهي جڏهن ته هن وائرس وگهي 30 لک 85 هزار 284 فوتگيون ٿيون ڪرونا وائرس جا دنيا ۾ هڪ ڪروڙ 89 لک 14 هزار 868 مريض اسپتالن، قرنطينه مرڪزن ۾ علاج هيٺ ۽ گهرن ۾ آئسوليشن ۾ آهن جن مان هڪ لک 10 هزار 158 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته 12 ڪروڙ 33 لک 44 هزار 649 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. ميڊيا رپورٽس موجب ڪرونا وائرس جي ڪيسن ۽ ان سان ٿيندڙ موت جي لحاظ کان 10 ملڪن جي لسٽ ۾ 33 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ آمريڪا اڃا تائين پهرين نمبر تي آهي جتي هن وائرس وگهي هن وقت تائين 5 لک 84 هزار 226 ماڻهو فوت ٿي چڪا اهن جڏهن ته ان سان بيمار ٿيندڙن جو گڏيل انگ 3 ڪروڙ 26 لک 69 هزار 121 ٿي چڪو آهي، آمريڪا ۾ 68 لک 48 هزار 237 مريض اسپتالن، قرنطينه مرڪزن ۾ علاج هيٺ ۽ گهرن ۾ آئيسوليشن ۾ آهن جن مان 9 هزار 962 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته 2 ڪروڙ 52 لک 36 هزار 658 ڪرونا مريض هن وقت تائين صحتياب ٿي چڪا آهن، هڪ ارب کان وڌيڪ آبادي وارو ملڪ ڀارت ڪرونا وائرس جي مريضن جي انگن اکرن جي حوالي سان هڪ دفعو ٻيهر ٻئي نمبر تي اچي ويو اهي جتي وائرس وگهي هڪ لک 86 هزار 928 فوتگيون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته متاثر هڪ ڪروڙ 62 لک 63 هزار 695 مريض ظاهر ٿي چڪا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *