ايس او پيز تي عملدرآمد فوج  طلب، ڀارت جھڙيون حالتون ٿيون تھ لاڪ ڊائون لڳائڻو پوندو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعطم عمران خان چيو آهي ته عوام ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ مان پاڪ فوج کي هدايت ڪئي آهي ته اها قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رستن تي نڪري عوام ۾ نه ڊپ آهي نه احتياط ڪري رهيو آهي وبا تيزي سان پکڙجي رهي  آهي جيڪڏهن ويڪسين اچي به وڃي ته ان جو اثر ٿيڻ ۾ هڪ سال لڳندو اسان اڄ کان ٽڪا لڳائڻ شروع ڪيون ته ڪيس گهٽجڻ ۾ وقت لڳندو سڀ کابن وڌيڪ فرق ايس او پيز سان پوندو جيستائين قوم وبا جو مقابلو نه ڪندي اسان ان کان نٿا کٽي سگهون اسان احتياط نه ڪيو ته وڌ کان وڌ هفتو، ٻن هفتن ۾ اسان جون به حالتون ڀارت جهڙيون ٿي وينديون عوام ايس او پيز تي عمل ڪري ته شهرين جو لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو. جمعي تي قومي رابطي ڪميٽي اجلاس کان پوءِ وفاقي وزيرن سان گڏ قومي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان عوام کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري رهيا آهيون جڏهن ته اسان ڏسي رهيا آهيون ته عوام ۾ نه خوف آهي نه احتياط ڪري رهيو آهي تنهنڪري وبا تيزي سان پکڙجي رهي آهي. ويڪسين بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ويڪسين حاصل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون پهريان بين الاقوامي سطح تي ڀارت کان ويڪسين ڏيڻ جو فيصلو ٿيو هو جتي دنيا جي ٻئي نمبر تي ويڪسينز ٺهي ٿي جڏهن ته ان 3،2 ملڪن کي ڏني ۽ هاڻي ايتريون خراب حالتون آهن جو هو هاڻي ڪنهن کي نه پيو ڏي وزيراعظم ٻڌايو ته اسان چين کان ويڪسين گهري آهي پر اتي به طلب وڌيڪ آهي سڄي دنيا ۾ هرهنڌ ويڪسين جي کوٽ آهي هن چيو ته جيڪڏهن ويڪسين اچي به ته ان جو اثر ٿيڻ ۾ هڪ سال لڳندو هن چيو ته جيستائين قوم گڏجي هن وبا جو مقابلو نه ڪندي اسان ان کان نٿا کٽي سگهون گذريل سال جهڙي طرح ماڻهن ايس او پيز تي عمل ڪيو ان ۾ ۽ اڄوڪي وقت ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده لهر جي دوران شايد ئي ڪوئي ايس او پيز تي عمل ڪري رهيو آهي. تنهنڪري هاڻي اسان سختي ڪنداسين ۽ اميد آهي ته عوام ايس او پيز تي عمل ڪندو ته سڀ کان خوفناڪ شئي يعني شهرن جو لاڪ ڊائون نه ڪرڻو پوندو وزيراعظم چيو ته ڀارت جون حالتون ڏسو اتي آڪسيجن جي کوٽ آهي اسپتالون ڀريل آهن ڪيترائي مريض اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت ٿين ٿا. هن چيو ته ڀارت ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال کي ڏسندي منهنجي درخواست آهي ته جيڪڏهن اسان احتياط نه ڪيو ته هفتي يا ٻن هفتن ۾ اسان جون به حالتون ڀارت جهڙيون ٿي وينديون وزيراعظم چيو ته هن وقت اسان جي اسپتالن ۾ ڀارت واريون حالتون ان لاءِ نه ٿيون ڇو جو اسان گذريل سال اسپتالن جي گنجائش ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن گذريل سال واري گنجائش هجي ها ته اڄ پاڪستان ۾ به ڀارت واريون حالتون هجن ها وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جهيڙي طرح ڪرونا وائرس جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن انکي ڏسندي منهنجي اپيل آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪريون اسان مسلسل ايس او پيز جو چئون ٿا پر ماڻهو ان تي ڌيان نٿا ڏين پر رڳو ماسڪ پائڻ سان اسان جو 50 سيڪرو مسئلو حل ٿي وڃي ٿو هن چيو ته اڄ کان عيد تائين عوام ايس او پيز تي عمل ڪري ته شايد اسان کي اهي قدم نه کڻڻا پوندا جيڪي ڀارت کي کڻڻا پيا يعني شهرن جو لاڪ ڊائون ڪرڻو پيو وزيراعظم چيو ته دنيا جو تجربو آهي ته لاڪ ڊائون ۾ سڀ کان ڪمزور ۽ غريب طبقو پيسجي وڃي ٿو مون کي ماڻهو اڄ به چئي رهيا آهن ته لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيون جڏهن ته مزدور طبقي لاءِ اڃا اهڙو فيصلو نه ڪري سگهيا آهيون پر ڪيستائين نه ڪنداسين اهو اوهان تي ڇڏيون ٿا وزيراعظم چيو ته اسان جي مسجدن ۾ ايس او پيز تي عمل ٿيو ۽ اسان جي مسجدن مان ڪرونا نه پکڙيو جنهن کان پوءِ وفاقي وزير اسد عمر چيو ته موجوده صورتحال ۾ شهرن جو لاڪ ڊائون جو خدشو نظر اچي رهيو آهي ان لاءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ صوبن سان گڏجي منصوبو جوڙي وڃي ۽ ماڻهن کي تڪليفن ڏکيائين کان بچائڻ لاءِ جيڪي قدم کڻڻ گهرجن اهي تجويز ڪيا وڃن اسد عمر اين سي او سي ۾ ڪيل فيصلن کان آگاهه ڪندي چيو ته جن شهرن ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح وڌيڪ آهي اتي نائين کان 12هين ڪلاس لاءِ به اسڪول عيد تائين بند رهندا بازارن جو وقت شام 6 وڳي تائين هوندو ان کان پوءِ رڳو ضروري شين جي ڪاروبار جي اجازت هوندي جنهن جي لسٽ جاري ڪئي ويندي. اسد عمر ٻڌايو ته هن وقت ملڪ ۾ آڪسيجن جي پوري پيداواري صلاحيت 90 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي جنهن ۾ 75 کان 80 سيڪڙو آڪسيجن صحت لاءِ استعمال ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڪرونا وائرس جي ڳڻتي جوڳن مريضن جو وڏو حصو آهي، ان کان پوءِ ڊاڪٽر فيصل سلطان ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال ٻڌائيندي چيو ته وبا جي پهرين لهر دوران صحت جي نظام تي سخت دباءُ پيو ۽ انتهائي نگهداشت يونٽس ۾ علاج هيٺ ڳڻتي جوڳن مريضن جو انگ ساڍا 3 هزار تائين ٿي ويو هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ انتهائي نگهداشت يونٽس ۾ داخل ڳڻتي جوڳن مريضن جو انگ 4600 کان وڌيڪ آهي ان لاءِ اسان گذريل لهر کان گهڻو مٿي وڃي چڪا آهيون هن ٻڌايو ته ڪيس هاڪاري اچڻ جي شرح به مسلسل 10 سيڪڙو يا ان کان مٿي آهي جنهن مان لڳي ٿو ته اسان جي معاشري ۾ وبا جو سخت پکڙجڻ موجود آهي ۽ ڪجهه شهرن ۾ هاڪاري شرح 20 سيڪڙو کان به وڌي ويئي آهي. ٻئي پاسي سڌسماءِ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ٽيوٽر تي هڪ پيغام ۾ ٻڌايو ته ڪرونا جي تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال سبب وزيراعظم شهرين ۾ فوج طلب ڪري ورتي آهي ته جيئن ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرائي سگهجي هن چيو ته اسان آڪسيجن جي استعمال جي 90 سيڪڙو صلاحيت تي پهچي ويا آهيون لاهور ڪرونا سان سخت متاثر ٿيو آهي احتياط ڪيو وڃي. احتياط کان سواءِ ٻيو ڪوئي رستو نه آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل هڪ مهيني دوران ڪورونا وائرس تشخيصي شرح ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي پر هاڻي وڌڻ شروع ٿي آهي ڇوته بين الصوبائي ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت ڏني وئي، هاڻي اسان کي پنهنجن ماڻهن کي بچائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا جن ۾ لاڪ ڊائون پڻ شامل آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وڊيو لنڪ ذريعي قومي رابطه ڪميٽي (اين سي سي) جي اجلاس ۾ شرڪت دوران چئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، سعيد غني، ناصر شاهه، پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتو عثمان چاچڙ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڊاڪٽر عبدالباري، ڊاڪٽر فيصل، ڪمشنر ڪراچي نويد شيخ، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن احمد بخش ناريجو، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي، سيڪريٽري صحت ڪاظم جتوئي، ڪور 5، رينجرز، ڊبليو ايڇ او، يونيسف ۽ ٻين ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس تشخيصي شرح 4 سيڪڙو ۽ حيدرآباد ۾ 5 سيڪڙو آهي پر گذريل هڪ مهيني ۾ حيدرآباد ۾ 16.64 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 8.93 سيڪڙو ۽ صوبي جي ٻين ضلعن ۾ 5.64 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هن چيو ته انتهائي سنگين صورتحال آهي ۽ اسان کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا ٻي صورت ۾ صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي ويندي. مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت 31 مارچ تي بين الصوبائي ۽ انٽرسٽي ٽرانسپورٽ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ها ته سنڌ جون حالتون قابو ۾ هجن ها. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪجهه سخت فيصلا ڪيا وڃن جن ۾ انٽرسٽي ٽرانسپورٽ تي پابندي، ايئرپورٽس تي سخت نگراني، جتي ڪيس وڌي رهيا آهن انهن ضلعن ۾ لاڪ ڊائون لڳائڻ، ڊاڪٽرن، پوليس اهلڪارن ۽ انتظاميه لاءِ ويڪسينشن کي لازمي بڻائين ۽ صوبن کي خاص طور تي سنڌ کي سڌوسنئون ويڪسين خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. وزيراعظم سنڌ حڪومت کي ويڪسين خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ اين سي سي اجلاس جي سفارشن تي عمل ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڏي انگ ۾ ڪورونا ويڪسين خريد ڪئي ويندي ۽ ان کي اوجها ڪيمپس ڊائو يونيورسٽي ۾ ذخيرو ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *