پاڪستان ۾ مافياز قانون جِي بالادستي قائم ٿيڻ نٿي ڏئي: عمران خان

ڊيرا اسماعيل خان (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيستائين اسان سچا، امانتدار ۽ انصاف ڪرڻ وارا نه بڻجناسين اسان جي قوم عظيم قوم نٿي بڻجي سگهي، ناانصافي جو نظام پاڪستان ۾ آهي، وڏا وڏا مافيا ويٺا آهن، قانون کان مٿان آهن، قانون جي بالادستي قائم نٿا ٿيڻ ڏين اڄ سسٽم ۽ انهن مافياز جي خلاف جيڪا جنگ اسان وڙهي رهيا آهيون ان ۾ ڪامياب ٿينداسين اسان کي پنهنجي پاڻي ذخيرن ۽ پاڻي جي بهتر استعمال جي رٿابندي ڪرڻي پوندي اسان کي هڪ خوددار قوم بڻجڻ گهرجي خميس تي هتي ڪسان ڪارڊ جاري ٿيڻ واري سسليلي ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ان لاءِ مان پاڪستانين کي اهو سمجهان ٿو ته الله پاڪستان کي ڪنهن شئي جي کوٽ ناهي ڏني هتي رب سائين هر قسم جي نعمت ڏني آهي، جڏهن ته اسان کي هڪ عظيم قوم بڻجڻ لاءِ سچائي ۽ ڪردار گهرجي وزيراعظم چيو ته مان سڄي دنيا ڏٺي آهي جن ماڻهن کي اسان ڪافر چوندا آهيون اوهان حيران ٿي ويندا ته اتي ڪوئي ڏسڻ وارو ناهي هوندو. پر ماڻهو پئسا وجهي اخبار کڻن ٿا. جيڪي اتي جيئن جو تيئن ئي رکيل هوندا آهن. اتي اها سوچ به ناهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي هن چيو ته اتي ماڻهو اچن ٿا سڌو ووٽ وجهي هليا وڃن ٿا ڪوئي پڇڻ وارو ناهي هوندو اسان جي چونڊن کان اڳ اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان ڳالهه تي ميٽنگ نٿا ڪريون ته ووٽرز کي ڪيئن ڪڍڻو آهي پر ان تي ڳالهه ٿيندي آهي ته ڌانڌلي ڪيئن روڪڻي اهي هن چيو ته اسان لاءِ بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اسان جا هتي اهڙا ماڻهو آيا جيڪي اڄ اربين رپين جا اثاثا کڻي ٻاهر ويٺا آهن هڪ رسيد نٿا ٻڌائي سگهن ته هي پئسو ڪٿان آيو، ۽ اتان ويهي هتي تقريرون ڪري رهيا اهن وزيراعظم چيو ته اسان کي هڪ عظيم قوم بڻجڻو هو اڄ سسٽم ۽ ان مافياز جي خلاف جيڪا جنگ اسان وڙهي رهيا آهيون ان ۾ ڪامياب ٿينداسين ۽ قوم کي پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻو آهي هن چيو ته جڌهن پاڪستان ٺهيو ته اسان جي آبادي 4 ڪروڙ کان به گهٽ ڪئي جيڪا اڄ 22 ڪروڙ تائين پهچي چڪي آهي ۽ جنهن شرح سان وڌي رهي آهي ايتري ذرخيز زمين جي باوجود اسان گذريل سال 40 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائي هن چيو ته هن ڀيري پاڪستان ۾ ڪڻڪ جو تاريخي فصل لٿو ان جي باوجود اسان کي ٻاهران گهرائڻي پوندي. اسان ڌاليون، گيهه سميت کوڙ سارايون کاڌي پيتي جون شيون ٻاهران گهرايون ٿا. ان لاءِ جڏهن پرڏيهي سطح تي قيمتون وڌيون ته هتي به مهانگائي ٿي وئي هن چيو ته ٻن شين سان آبادي جي رفتار گهٽ ٿيندي آهي هڪ بنيادي تعليم ڏيڻ ۽ بنيادي صحت جي نطام کي ٺيڪ ڪرڻ جنهن تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون پر ان سان گڏ ئي اسان کي ااها رٿابندي به ڪرڻي آهي ته وڌندڙ آبادي سبب ڪيئن سڀني جو پيٽ پالڻو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن اهڙي طرح آبادي وڌندي رهي ۽ پيداوار جي شرح اها ئي رهي ته ايندڙ سالن ۾ پاڪستان ۾ بک وڌندي جيڪڏهن اسان پاڻ اناج اپائينداسين ته عالمي سطح تي قيمتون وڌڻ سان ڪو خاص فرق نه پوندو پر اڄ اسان ٻاهران گهرائي رهيا آهيون ته ان جو اثر اسان تي پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي زرعي پيداوار اسان کان وڌيڪ آهي ڇو ته اتي تحقيق وڌيڪ ٿي ان لاءِ هاڻي اسان کي زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ پاڻي جو بهتر استعمال، زمين جو بهتر استعمال تي ڪم ڪري رهيا اهيون وزيراعظم چيو ته مان تاريخ جو شاگرد آهيان مان دنيا جي تاريخ پڙهي آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر پاڻ سڳورن جي سيرت کان ٿيس. هن چيو ته مان رياست مديني جي ڳالهه ان لاءِ ڪيان ٿو ته هي دنيا جي تاريخ ۾ هي هڪ وڏو انقلاب هو، هن کان اڳ ايڏو وڏو انقلاب ڪڌهن به نه آيو هن چيو ته اسان جا پاڻ سڳورا واحد پيغمبر آهن جنهن جي سڄي ڄمار تاريخ جو حصو آهي، اهي ماڻهو جن جي ڪائي حيثيت نه هئي يعني عرب ڪجهه سالن ۾ دنيا جي امامت ڪرڻ لڳا. هي تاريخ جو حصو آهي هن چيو ته اسان جون حالتون ان لاءِ خراب آهن ڇو ته دين جو اسان جي زندگي تي ڪوئي اثر ناهي ٿيندو. اسان صرف جمعي جو خطبو ٻڌي هليا اچون ٿا الله اسان کي قرآن ۾ حڪم ڏنو آهي ته ان جي زندگي مان سکو جيڪڏهن قرآن جي تعليم تي هلنداسين ته ان ۾ اسان جي ڀلائي آهي، وزيراعظم چيو ته جڏهن ڪوئي پاڻ سڳورن جي سنت ۽ شريعت تي عمل ڪري ٿو ته ننڍڙو ماڻهو وڏو ماڻهو بڻجي وڃي ٿو نماز ۾ اسان دعا گهرندا آهيون ته الله اسان کي ان رستي تي آڻ جن کي تون نعمتون بخشيون تون سڀ کان وڌيڪ نعمتون ته پنهنجي حبيب کي بخشيون هيون هن چيو ته اسان کي هڪ خوددار قوم بڻجڻ گهرجي. ڪلمو پاڪ هڪ انسان کي غيرت ڏياري ٿو جڏهن اوهان الله کان سواءِ ڪنهن جي آڏو نٿا جهڪو ته هڪ ننڍڙو انسان غيرتمند ٿي وڃي ٿو جڏهن ڪوئي دولت واري آڏو جهڪي ٿو ته ڪوئي ان جي عزت نٿو ڪري جڏهن ته جيڪڏهن هڪ پورهيت به غيرتمند هوندو آهي ته ماڻهو ان جي عزت ڪندا آهن، وزيراعظم چيو ته مديني جي انقلاب جو بنياد ٻه شيون هيون هڪ انسانن کي آزاد ڪيو، عدل ۽ انصاف جو نظام آندو حضرت علي ڪرم الله وجه جي قوم مطابق ڪفر جو نظام هلي سگهي ٿو پر ظلم جو نظآم نٿو هلي سگهي هن چيو ته ناانصافي جو نظام پاڪستان ۾ آهي، وڏا وڏا مافيا ويٺا آهن قانون کان مٿان آهن اهي قانون جي بالادستي قائم نٿا ٿيڻ ڏين ڇو ته اهي ڪرپٽ نظام مان فائدو وٺي رهيا آهن تنهنڪري جڏهن وڏا وڏا مافيا چوندا ته اسان کي اين آر او ڏيو ۽ ٻين غريبن کي پڪڙيو ته ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته پاڻ سڳورن مديني ۾ سڀ کان پهريان انصاف قائم ڪيو ته منهنجي ڌيءَ به جيڪڏهن ڏوهه ڪندي ته ان کي سزا ملندي ۽ توهان کان اڳ کوڙ ساريون قوم ان لاءِ تباهه ٿيون ڇو ته انهن ۾ انصاف نه هو جتي طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ ڌر ڌار قانون هو هن چيو ته رياست مديني ۾ ٻي شئي انسان جو ڪردار بلند ڪرڻو هو، ڪڏهن به ڪوڙا ۽ ڊڄڻا ماڻهو وڏي قوم نٿا بڻجي سگهن. سچا دلير ۽ غيرتمند ماڻهو ئي وڏي قوم بڻجي سگهن ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *