سنڌ ڪابينا جو توانائي وارا منصوبا ختم ڪرڻ وارو معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جو فيصلو

ڪراچي (م.ڊ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي شيرين ناريجو ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي ڪابينا، وفاقي ڪابينا جي الٽرنيٽيو اينڊ ري نيو ايبل(ARE)  پاليسي 2019 ۾ هڪ پاسائون ترميم ڪرڻ جي فيصلي تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو آهي جنهن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (CCI) پاران منظور ڪيو ويو.  اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي سستي متبادل توانائي وارن منصوبن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ مهانگي پن بجلي جا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن جنهن تي ڪابينا فيصلو ڪيو ته معاملو گڏيل پارليامينٽ ڏانهن موڪليو وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي ڪابينا يا توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي CCI طرفان منظور ڪيل ڪنهن به پاليسيءَ ۾ ترميم ڪرڻ جي مجاز ناهي تنهنڪري اسان ان معاملي کي بحث لاءِ گڏيل پارليامينٽ ڏانهن موڪلينداسين جهڙي ريت اسان اڳ ۾ ئي آدمشماري واري مسئلي کي موڪلي ڏنو آهي. ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي توانائي واري وزير امتياز شيخ ٻڌايو ته اين ٽي ڊي سي اپريل 2020 ۾ انڊيڪيٽو جنريشن ڪيپيسيٽي ايڪسپينشن پلان (IGCEP) -2047 ڪجھ مفروضن جي بنياد تي جمع ڪرايو هو پر نيپرا جي اعتراضن تي ان کي واپس ورتو ويو. هن چيو ته عوامي ٻڌڻي کانپوءِ نيپرا اين ٽي ڊي سي کي هدايت ڪئي ته منصوبي کي اپ ڊيٽ ڪيو وڃي.وزارت توانائي (MOE) – پاور ڊويزن IGCEP 30-2021 مفروضو ڪابينا ڪميٽي انرجي (CCOE) کي 20 اپريل 2021 تي پيش ڪيو ۽ ان کي 22 اپريل 2021 تي منظور ڪيو ويو. IGCEP 30-2021 کي CCoE- منظور ٿيل مفروضي جي بنياد تي جوڙيو ويو هو، جنھن ۾ پلاننگ ٽول PLEXOS استعمال ڪندي سڀني موجود اورڪميٽڊا ۽ ڪينڊيڊيس پاور پلانٽس تي غور ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته CCI پنهنجي 47هين اجلاس ۾ 21 جون 2021 تي نيشنل اليڪٽرڪ پاليسي (NEP) جي منظوري ڏني هئي جنهن ۾ اها هدايت ڪئي وئي هئي ته IGCEP 30-2021 مفروضن کيCCI  پاران منظور ڪيو ويندو. ان مطابق صوبن ۾ ان پٽ / ڪمنٽس لاءِ مفروضا ورهايا ويا ته جيئن ان تي عملدرآمد / غور ڪري سگھجي. سنڌ انرجي ڊپارٽمينٽ پنھنجي راءِ / تبصرو ھن ريت پيش ڪيو: بجلي جي حقيقي لوڊشيڊنگ جي اثرن کي شامل ڪرڻ. وفاقي حڪومت جي PSDP کان کانسواءِ جنهن ۾ PC-I  جي منظوري ۽ فنڊنگ محفوظ آهي، صوبائي پبلڪ سيڪٽر جا منصوبا جن ۾ ECNEC جو PC-1 منظور ڪيو ويو آھي جيئن ته ورلڊ بينڪ جي مالي سهڪار  سان 400 ميگاواٽ جي شمسي توانائي واري منصوبي جي ترقي لاءِ سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ پڻ غور ڪيو ويو ويندو. اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته صوبن ۾ سي پيڪ جي ڪمنٽس کي پڻ شامل ڪرڻ گھرجي. ٿر جي ڪوئلي ٻڌل پاور پراجيڪٽس جن لاءِ ڪوئلي جي وڏي پيماني تي ريسرچ لاءِ لاڳاپيل مائننگ جي ليز تي صحيحون ڪيون ويون آھن. ان کانسواءِ هوا، سولر، بگاس جيڪو CCoE جي 4 اپريل 2019 واري فيصلي جي احاطي 1 ۽ 2 ۾ شامل ڪيا ويا آهن.سنڌ ۾ 275 ميگاواٽ جي مجموعي صلاحيت جا پنج هوا جا منصوبا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت کي يقين آهي ته CCOE يا وفاقي ڪابينا CCI طرفان منظور ڪيل ARE پاليسي 2019 ۾ هڪ پاسائون ترميم ڪري سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته هائيڊرو اي آر اي 2019 واري پاليسي جو حصو نه هو. ARE پاليسي 2019 جو دائرو بائيو گيس، بايوماس ، ڪچري مان توانائي، جيوٿرمل، ھائيڊروجن، مصنوعي گئس، سمنڊ / سامونڊي توانائي، شمسي، اسٽوريج ٽيڪنالاجيز تي مشتمل آھي. ھن وضاحت ڪئي ته ھي سڀ ونڊ ۽ ھائبرڊ ٽيڪنالاجيون آھن. وڏي وزير چيو ته اي آر اي پاليسي 2019 ۾ هائيڊل پاور جي هڪ طرفي شموليت سڄي پاليسي فريم ورڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندو جيڪا گهٽ قيمت ۽ هڪجهڙي ٽينڊرن جي اصولن تي ٻڌل هئي. تنهن ڪري هائيڊرو پروجيڪٽس لاءِ الڳ پاليسيون ۽ هدف متعارف ڪرايا وڃن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 6 سيپٽمبر 2021 تي ٿيندڙ سي سي آءِ جي 48هين اجلاس ۾ سنڌ حڪومت IGCECPکي تجويز ڪرڻ جي طريقيڪار ۽ طريقيڪار تي واضح طور تي اعتراض ڪيو هو ته اهو ڪهڙي ريت رينيوايبل انرجي مثال طور ونڊ ۽ شمسي جهڙي سستي بجلي واري آپشن کي نظرانداز ڪري سگهن ٿا. ياد رهي ته جڏهن وڏي وزير اهو مسئلو اٿاريو ته  AREپاليسي 2019 ۾ IGCEP 2021 ذريعي ترميم ڪئي پئي وڃي جنهن تحت هائيڊل کي ” آر اِي“جو حصو بڻايو پيو وڃي جڏهن ته اها ”اَي آر اِي“پاليسي 2019 ۾ ”آر اِي“جو حصو نه هئي13 سيپٽمبر 2021 تي جاري ڪيل 48هين CCI اجلاس جي غلطيءَ سان ذڪر ڪيو ويو ته سنڌ سميت مختلف صوبن جي اعتراضن سبب تڪراري IGCEP کي منظور ڪرڻ واري فيصلي تي اتفاق ڪيو ويو. ڪابينا مڪمل غور ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو ته اھو معاملو گڏيل پارليامينٽ ڏانھن موڪليو وڃي جيئن آدمشماري جي منظوري جو معاملو آھي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *