پاڪستان ۾ جمهوريت وڌي ويجهي رهي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي ملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت وڌي ويجهي رهي آهي، پارلياماني نظام وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي، هلندڙ سال مئي جون جمهوريت جي ڏهه سال مڪمل ٿيڻ جي خوشخبري سان اڀرندو، 2018 ۾ عوام ووٽ جي حق سان اقتدار منتقل ڪرڻ جو ٻيو جمهوري روشن باب لکندو، پاڪستاني ميڊيا کي حاصل آزادي جا ڪٿي ٻيا مثال نٿا ملن، پاڪستان ۾ اقلتيون محفوظ ۽ عورتون بااختيار آهن، قومي ڌاري ۾ انهن جو ڪردار وڌي رهيو آهي، ماضي کان موجوده پاڪستان وڌيڪ روشن آهي، انشاالله جلد دنيا خوشحال پاڪستان جي تصوير ڏسندي، سومر تي ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت لاءِ ڊيوس روانگي کان اڳ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪا به ڏکيائي مسلم ليگ ن جي حڪومت کي قومي ترقياتي حدف حاصل ڪرڻ کان نه روڪي سگهجي، قائد اعظم جي نظريي سان جديد ۽ روشن پاڪستان جي معمار مسلم ليگ ن آهي، مملڪتي وزير چيو ته ڪروڙين شهرين جو سوشل ميڊيا جو ڀرپور استعمال ثبوت آهي ته پاڪستان جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ ترقي يافته دنيا کان پوئتي نه آهي، هن چيو ته پارليامان اطلاعن تائين پهچ جو حڪومت جو پيش ڪيل بل پيش ڪري جمهوريت کي طاقت ڏني، مريم اورنگزيب چيو ته ان بل جي منظوري ۾ سمورين سياسي پارٽين جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، هن چيو ته دنيا جو پاڪستان کي اڀرندڙ معيشت طور تسليم ڪرڻ حڪومتي ڪارڪردگي جو چٽو ثبوت آهي، مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان راندين، ثقافت ۾ خاص دلچسپي رکندڙ زنده دل قوم آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت علم ۽ ادب ۽ فلم جي شعبن کي فعال ڪري رهي آهي، مريم اورنگزيب چيو ته سڌ سماءَ، قومي صحت، وزيراعظم يوٿ پروگرام، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وزارتن جي قيادت عورت ڏئي پاڪستان جي عورتن کي بااختيار بڻايو ويو، مملڪتي وزير چيو ته ماضي کان موجوده پاڪستان وڌيڪ روشن آهي، لوڊشيڊنگ ختم ۽ توانائي جي بحران تي ضابطو آندو ويو آهي، هن چيو ته انشاالله جلد دنيا خوشحال پاڪستان جي تصوير ڏسندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *