ٻارن جي ڏاڍائي وارن ڪيسن لاءِ ڊجيٽل ايف آءِ آر داخل ڪرڻ وارو سسٽم متعارف ڪرايو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وومين پوليس اسٽيسشن ضلعي سطح تي قائم آهن اتي چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ بڻايا ويا آهن جن کي پوليس ۽ سول سوسائيٽي جي مدد سان فعال ڪرڻو آهي. هن چيو ته مان انهن يونٽس کي آئوٽ سورس ڪرڻ جو پڻ خواهشمند آهيان. هن چيو ته ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ پوليس ۾ فيسليٽيشن سينٽرن اندر ٻارن جي حفاظت جو يونٽ به قائم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اسانکي پنهنجن ٻارن جو تحفظ فراهم ڪرڻو آهي ۽ کين حفاظت ڪرڻي آهي ۽ معاشري جي به ان حوالي سان تربيت ڪرڻي آهي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ چائلڊ پروٽيڪشن ڪميٽيءَ بابت هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير تعليم ۽ قانون، اڳوڻو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس (ر) ناصر اسلم زاهد، وڏي وزير جو سوشل ويلفيئر وارو صلاحڪار، وڏي وزير جو هيومن رائيٽس بابت اسپيشل اسسٽنٽ، چيف سيڪريٽري سنڌ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن، صوبائي گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، سيڪريٽري هيومن رائيٽس، آءِ جي پوليس سنڌ، زندگي ٽرسٽ جو شهزاد راءِ، ايڊووڪيٽ ضياءَ احمد اعواڻ، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر انڊس رسورس سينٽر صديقه صلاح الدين، چيف ايگزيڪيوٽو انڊس اسپتال عبدالباري خان، مئنيجر آهنگ ڪراچي عائشه اعجاز ۽ چيئرمين پيس اين آءِ سي ايڇ اِي خالد محمود شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻارن لاءِ هڪ ڊيٽا مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻارن جي ڏاڍائي وارن ڪيسن لاءِ ڊجيٽل ايف آءِ آر داخل ڪرڻ وارو سسٽم متعارف ڪرايو وڃي. هن چيو ته جنهن ٻار سان ڏاڍائي ٿئي ان کي پوليس اسٽيشن وڃن نه گهرجي، ٻارن جي والدين ۽ وارثن کي ڄاڻ هئڻ گهرجي ته ڏاڍائيءَ جي صورت ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسانکي ٻارن سان گڏوگڏ سندن والدين کي به ان حوالي سان ضروري سکيا ۽ آگاهي ڏيڻ گهرجي. ان ڳالهه جو پڪو پهه ڪندي وڏي وزير چيو ته مان هر مهيني هڪ ڀيرو چائلڊ پروٽيڪشن ڪميٽيءَ جو اجلاس باقائدگيءَ سان منعقد ڪندس. آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا ٻارن جي پروٽيڪشن بابت ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ قائم فيسليٽيشن سينٽر ۾ هڪ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي پڻ تجويز ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *