پاڪستان ۾ بھ ايئن ئي محسوس ٿيو تھ پنھنجي ملڪ ۾ ئي آھيان: اديتي سنگهه

 

ڪراچي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا اديتي سنگهه پنهنجي پاڪستان جي دوري تي تمام گهڻي آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته پاڪستان انهن کي تمام گهڻي محبت ڏني ۽ انهن کي ايئن محسوس ئي نه پيو ٿئي ته هو پنهنجي ملڪ بدران ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ موجود آهي.اديتي سنگهه گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ رکيل هڪ ميٽنگ جو حصو بڻي، جتي هن ٻڌايو ته هوءَ پاڻ کي خوش قسمت سمجهي ٿي ته کيس ايتري محبت ملي آهي.ياد رهي ته اديتي سنگهه جاويد شيخ جي هدايتن ۾ ٺهندڙ فلم وجود ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.اديتي سنگهه پريس ڪلب ۾ رکيل ان ميٽن گ۾ اداڪارا ميرا جو ان جو ساٿ ڏيڻ تي به پنهنجي خوشي جو اظهار ڪيو.ميرا اها پهرئين اداڪارا آهي جنهن جاويد شيخ جي فلم وجود جي ڪاسٽنگ جي اعلان کانپوءِ چيو هو ته جاويد شيخ ڪنهن گڏي جهڙي ڇوڪريکي پنهنجي فلم ۾ ڪاسٽ ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *