پاڪستان ۾ اسڪول وڃڻ جي عمر جي 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارڙن جو اسڪول کان ٻاهر هجڻ تي ڳڻتي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽِ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسڪول وڃڻ جي عمر جي ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارڙن جو اسڪول کان ٻاهر هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عالمي خواندگي ڏياڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي هن چيو ته موجوده سليڪٽڊ حڪومت هجي يا ماضي جون غير جمهوري حڪومتون خواندگي کي هٿي وٺرائڻ انهن جي ترجيحن ۾ شامل ناهي رهيو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جو تعليم جي ميدان ۾ رڳو افغانستان کان اڳتي هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي، هن چيو ته رياست جو اهو فرض آهي ته تعليم کي سڀني لاءِ خاص ڪري ٻارڙين لاءِ هڪ جهڙي طور تي پهچ جي قابل بڻائي هن چيو ته عالمي وبا کان پوءِ تعليم بالغان ۽ غير رسمي تعليم جهڙن پروگرامن کي جديد ڪرڻ حالتن جي گهرج آهي موجوده حڪومت جو ايجنڊا خواندگي ۾ اضافو نه آهي هن چيو ته سليڪٽڊ حڪومت جو ڌيان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ ان تحت وسيله تعليم پروگرام جو نالو تبديل ڪرڻ آهي پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ تعليم جي شعبي ۾ بنيادي قدم کنيا ويا هن چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪول ۽ يونيورسٽين جو قيام قائدعوام شهيد محترمه ۽ مرد حر جي دورن ۾ ٿيو هن چيو ته سنڌ جي حڪومت پنهنجي بجيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ فنڊ 277.5 ارب رپيا تعليم ۽ خواندگي کاتي لاءِ رکيا تعليم کي هٿي وٺرائڻ پيپلزپارٽي جي هميشه پهرين ترجيحن مان هڪ آهي هن چيو ته پ پ ايندڙ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي خواندگي جي شرح وڌائڻ لاءِ پنهنجي ڪوششن کي نئين سر بحال ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *