افغانستان ۾ نگران سيٽ اپ جي اعلان تي ردعمل وقت کان اڳ هوندو: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته طالبان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي، ڀارت پاڪستان جي خلاف لاڳيتو پروپيگنڊا ڪندو رهيو آهي ڀارتي ميڊيا هڪ وڊيو گيم ۾ ويڙهه ڏيکاري اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنج شير حملن ۾ پاڪستان ڪارروائي ڪئي بدقسمتي سان ڀارت جي اهڙن ناپاڪ ارادن ۽ قدمن ۽پروپيگنڊا سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو هڪ بي بي سي ورلڊ سان ڳالهائي رهيو هو افغانستان ۾ نگران سيٽ اپ جي حوالي سان فواد چوڌري چيو ته افغانستان ۾ نگران سيٽ اپ تي ردعمل ڏيڻ وقت کان اڳ آهي، اسان کي ڪجهه انتظار ڪرڻ گهرجي هن وقت ان تي ڳالهائڻ مناسب نه آهي، هن چيو ته ميڊيا جي ذريعي خبر پئي ته سي آئي جو سبراهه ڪابل ۾ هو ميڊيا جي رپورٽن سان ئي خبر پئي ته ترڪي ۽ قطر جي انٽيليجنس جا سربراهه به ڪابل ۾ موجود هئا جيڪڏهن اسان پنهنجي پرڏيهي وزير کي ڪابل اماڻيون ها ته هو اتي ڪنهن سان ملاقات ڪري ها اتي ڪوئي پرڏيهي وزير موجود نه آهي هن چيو ته ڪابل ۾ باضابطه حڪومت نه هجڻ تي انٽيليجنس ادارا اهڙو فريم ورق جوڙين ٿا هڪ سوال تي هنچيوت ه اسان کي افغانستان سان سنگين مسئلا رهيا آهن جن ۾ داعش ۾ توسيع، پناهگيرن جا مسئلا ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جي افغانستان مان لڏپلاڻ شامل آهي. هن چيو ته طالبان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي، پاڪستان طالبان جي آمريڪا سان ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪئي افغانستان ۾ پرڏيهي شهرين کي انخلا ۾ پاڪستان مدد ڪئي اسان افغانستان ۾ ڦاٿل هزارين ماڻهن کي ڪڍيو افغانستان مان پرڏيهي شهرين جي انخلا جي اسان جي ڪوششن کي سڄي دنيا ساراهيو آهي وفاقي وزير چيو ته 2007 ۽ 2011 ۾ اسان جيڪو چئي رهيا هئاسين اهو صحيح ثابت ٿيو جيڪڏهن انوقت اسان جي ڳالهه مڃي وڃي ها ته اڃ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها. افغان جنگ ۾ اسان جو 80 هزار جانين جو نقصان ٿيو اسان جو 150 ارب ڊالر معاشي نقصان ٿيو چوڌري فواد چيو ته ڀارت پاڪستان جي خلاف لاڳيتو پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي..

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *