پاڪستان ڪروز ميزائيل رعد جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڪروز ميزائيل رعد جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اهو ميزائيل 350 ڪلوميٽرن تائين روايتي ايٽمي هٿيار کڻي ٽارگيٽ کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڪروز ميزائيل رعد جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڪروز ميزائيل رعد 350 ڪلوميٽرن تائين ٽارگيٽ کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بنا آواز واري ڪروز ميزائيل رعد کي ريڊار سسٽم به Detect نه ٿو ڪري سگهي. آءِ ايس پي آر موجب ميزائيل سمنڊ کان زمين تائين ٽارگيٽ کي نشانو بڻائي سگهي ٿو ۽ اهو پاڪستاني انجنيئرز ۽ سائنسدانن جي گڏيل ڪوشش جو نتيجو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *