فوجي عدالتن خلاف اڳ ۾ جيڪي فيصلا ڏنا ويا اهي حالتن موجب ٺيڪ هئا: اعتزاز احسن

لاهور (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته فوجي عدالتن خلاف اڳي جيڪي فيصلا ڏنا ويا اهي حالتن موجب ٺيڪ هئا ۽ هاڻي جيئن ته ملڪ جنگ واري حالت ۾ آهي، تنهنڪري انهن جي حمايت ۾ ايندڙ فيصلا  هاڻي وارين حالتن ۾ درست آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته جيڪڏهن دهشتگردي ٽوڙ عدالتون تحفظ پاڪستان آرڊيننس مطابق جلد فيصلا ڪن ته حڪومت تي دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو پر انهن ايئن نه ڪيو تنهنڪري فوجي عدالتون قائم ڪرڻيون پيون. هن چيو ته فوجي عدالتن جو اختيار محدود رکيو ويو آهي، حڪومت فيصلو ڪندي ته ڪهڙا ڪيس فوجي عدالتن ۾ اماڻيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خير جون دعائون ڪندڙ هاڻي فوجي عدالتن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، جيڪو سمجهه ۾ نه ٿو اچي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *