پاڪستان کي هن ڪاميابي جي سخت ضرورت هئي، مصباح الحق

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش جي خلاف ٽيسٽ سيريز کٽڻ تي پاڪستان جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته اسان کي ان فتح جي سخت ضرورت هئي، سڄي ٽيم ڪاميابي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ هر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، بنگلاديس جي ڪپتان مشفيق الرحيم چيو ته شڪست مايوس ڪندڙ آهي، اها  هڪ بالر جي گهٽتائي جي ڪري ٿي، ڍاڪا ٽيسٽ ۾ بنگلاديش جي خلاف 328 رنسن جي فتح ۽ سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي ڪاميابي کي پاڪستان جي ڪپتان مصباح الحق شاندار قرار ڏيندي، چيو ته اسان کي ان ڪاميابي جي سخت ضرورت هئي، ون ڊي سيريز ۽ واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست کان پوءِ سڀني رانديگرن ڪم بيڪ ڪيو، ان جو چوڻ هو ته ٽاس هارائڻ کان پوءِ پهريون سيشن اسان لاءِ تمام اهم هو، اظهر علي ۽ يونس خان شاندار بيٽنگ سان ڪاميابي جو بنياد رکيو ۽ اسد شفيق جي سينچري ٽيم کي ڪمانڊنگ پوزيشن تي پهچايو، ڍاڪا جي وڪيٽ تي کلنا کان وڌيڪ بائونس موجود هو، جنهن مان اسان جي  بالر ڀرپور فائدو ورتو، خاص طور تي ليگ اسپنر ياسر شاهه ٻنهي اننگز ۾ بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو، بنگلاديش جي ٽيم ڪپتان مشفيق الرحيم شڪست کي مايوس ڪندڙ  قرار ڏنو، ان چيو ته ميچ جي شروعات ۾ ئي فاسٽ بالر شهادت حسين ان فٽ ٿي پيو، جنهن  جو اسان کي گهڻو نقصان ٿيو، بالرن ڪيترائي نو بال ڪرايا، پهرين ڏينهن ڪجهه به اسان جي حق ۾ نه هو، پاڪستان ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ٽئين نمبر تي آهي، ان چيو ته پاڪستان پنهنجي فيوريٽ فارميٽ ۾ شاندار انداز ۾ ڪم بيڪ ڪيو، جڏهن ته اسان پنهنجي منصوبي تي چڱي طرح سان عمل نه ڪري سگهاسين، مشفيق الرحيم چيو ته تميم اقبال جي لاءِ  هي سيريز تمام سٺي ثابت ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *