انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) تازي ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) تازي ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جاري ڪيل درجا بندي موجب ڏکڻ آفريقا جي ٽيم اڳ جيان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته پاڪستان ٽئين نمبر تي موجود آهي، بيٽسمينن ۾ ڪمار سنگاڪارا، بالرن ۾ ڊيل اسٽين ۽ آل رائونڊرن ۾ شڪيب الحسن اڳيان آهن، پاڪستاني رانديگرن جي درجابندي ۾ به ظاهري بهتري آئي آهي، اظهر علي 5 درجا ترقي ڪري 16هين نمبر تي اچي ويو آهي، يونس خان هڪ درجي جي ترقي سان ستين، مصباح الحق هڪ درجي جي بهتري کان پوءِ 11هين ۽ سرفراز احمد چار درجا بهتريءَ سان 22 هين نمبر تي اچي ويو آهي، پاڪستاني اسپنر ياسر شاهه درجا بندي ۾ ترقي ڪري ٽاپ ٽوئنٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي، آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل تازي درجا بندي ۾ ڏکڻ آفريقا پهرين، آسٽريليا ٻئين، پاڪستان ٽئين، انگلينڊ چوٿين، نيوزيلينڊ پنجين، سريلنڪا ڇهين، ڀارت ستين، ويسٽ انڊيز اٺين ۽ بنگلاديش نائين نمبر تي موجود آهي، بيٽسمينن ۾ ڪُمار سنگاڪارا پهرين، ڊي وليئرز ٻئين، آمله ٽئين، سمٿ چوٿين، ميٿيوز پنجين، وليمسن ڇهين، يونس خان ستين، جوروٽ اٺين، وارنر نائين ۽ ڪوهلي ڏهين نمبر تي آهي. مصباح الحق 11 پوزيشن تي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *