پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ اڃان تائين درخواست ناهي ڏني: مصباح الحق

 

لاهور: (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ فٽنس ڪيمپ جي ڪمانڊنٽ مصباح الحق چيو آهي ته ڪوچنگ بابت صرف افواهون هلي رهيون آهن. اڃان مون پاڪستاني ٽيم جي  ڪوچنگ لاءِ درخواست ئي ناهي ڏني. منهنجي سموري توجه ڪيمپ تي آهي.قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته مون سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگرن تي خاص توجهه ڏني آهي. هن چيو ته منهنجو مقصد رانديگرن  جي فٽنس بهتر بنائڻ ۽ سٺن رانديگرن کي پڪ ڪرڻ آهي جڏهن ته ڪپتان جي باري ۾ فيصلي جو اختيار صرف بورڊ وٽ آهي.هن چيو ته رانديگرن جي چونڊ ڊوميسٽڪ ميچن ۾ ڪارڪردگي تي هوندو پر سليڪشن ۾ صرف فٽنس نه پر ٽيم جي به ضرورت کي نظر ۾ رکڻو پوندو آهي. مصباح چيو ته ڪوچنگ ۽ سليڪشن ڪميٽي مان ڪنهن هڪ کي چونڊ ڪرڻو پوندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *