پاڪستان جو والاريل ڪشمير معاملو انصاف جي عالمي عدالت کڻي وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو انصاف جي عالمي عدالت کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدم کانپوءِ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻ جي فيصلي جي اصولي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي منظوري جي تصديق ڪئي. هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزارت ۽ قانون واري وزارت کي جڳ مشهور وڪيلن جو پئنل جوڙڻ جي هدايت به جاري ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ اهو معاملو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ ڪشميرين جي نسل ڪشي تي ڌيان رکندي پيش ڪيو ويندو. هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته والاريل ڪشمير جو معاملو عالمي عدالت ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو سمورن قانوني پهلوئن تي غور ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويو، ڪجهه ٽيڪنيڪي معاملن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ دي هيگ ۾ قائم انصاف جي عالمي عدالت سان رابطو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته اسان جو موقف واضح، اصولي ۽ ٺوس آهي، فيصلو سمورن قانون پهلوئن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، جنهن جا سمورا تفصيل قانون واري وزارت جلد جاري ڪندي.. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته  پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت منصوبن جي بروقت پڄاڻي لاءِ سي پيڪ اٿارٽي جوڙي رهيا آهيون. وزيراعظم جي آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ منصوبن ۾ بنا دير اڳڀرائي لاءِ سي پيڪ اٿارٽي قائم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اٿارٽي لاڳاپيل شعبن وچ ۾ سهڪار کي يقيني بڻائيندي، سي پيڪ جي پڄاڻي سان رڳو پاڪستان ۽ چين کي فائدو نه ٿيندو پر ان جا فائدا سموري خطي کي پهچندا. اجلاس ۾ ترقي ۽ منصوبابندي واري وزير خسروبختيار وزيراعظم کي سي پيڪ منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.  اجلاس ۾ منصوبابندي بابت وزير مخدوم خسروبختيار، مواصلات وزير مراد سعيد، توانائي وارو وزير عمرا ايوب خان، واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ، خاص مددگار نديم بابر، سيڙپڪاري بورڊ بابت چيئرمين، لاڳاپيل وفاقي وزارتن جا سيڪريٽريز، چيف سيڪريٽري پنجاب، چيف سيڪريٽري بلوچستان، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه ۽ بين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ موجود ماڻهن کي ڏنل بريفنگ ۾ انفرا اسٽرڪچر توانائي، ريلوي ۽ اطلاعات جي حوالي سان تفصيل شامل هئا. توانائي جي شعبي ۾ وزيراعظم پورٽ قاسم ڪول فائرڊ پاور پلانٽ، گوادر پاور پلانٽ، ڪوهالا هائيڊرو پاور پروجيڪٽ، حبڪو ٿر ڪول پاور پروجيڪٽ ۽ ٿر پاور پروجيڪٽ جهڙن اهم منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ان سان گڏوگڏ سکر ملتار موٽروي، ٿاڪوٽ حويليا سيڪشن، ايسٽ ايڪسپريس وي، نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ايم ايل ون ۽ ڊي آءِ خان کان زوب شاهراهه جي منصوبن جي اڳڀرائي تي به غور ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملتان سکر موٽروي مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد ان جو افتتاح هن جي هٿان ڪرايو ويندو ان سان گڏ وزيراعظم پاڪستان ٽيليويزن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي به منظوري ڏني. اجلاس ۾ ايم ايل ون جي منصوبن جو به جائزو ورتو ويو جنهن جو مقصد پاڪستان ريلوي کي جديد ڪرڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *