پاڪستان وڏين پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف موثر ڪارروائي ناهي ڪئي: ايف اي ٽي ايف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( ايف اي ٽي ايف) پاڪستان ۾ 8 وڏين پابندي مڙهيل تنظيمن جي خلاف ڪارروائي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۽ ايف اي ٽي ايف جي ايشيا پيسيفڪ گروپ جي وچ ۾ ٽن ڏينهن وارين ڳالهين جو دور مڪمل ٿي ويو. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته ايف اي ٽي ايف 8 وڏين پابندي مڙهيل تنظِمن جي خلاف ڪارروائي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب ايشيا پيسيفڪ گروپ جي اختيارين موجب پاڪستان وڏين پابندي مڙهيل تنظِمن جي خلاف موثر ڪارروائي ناهي ڪئي. ان کان سواءِ ايشيا پيسيفڪ گروپ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ سهڪار جي گهٽتائي تي به خدشن جو اظهار ڪيو آهي. گروپ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پابندي مڙهيل تنظيمن جي خلاف ڪارروائي جي طريقيڪار تي به پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اي پي جي جو مسجدن ۾ چندو جمع ڪندڙن خلاف ڪارروائي بابت حڪومت جي ٻٽي موقف تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب ايشيا پيسيفڪ گروپ بريفنگ جي حوالي سان پنهنجي شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي جنهن ۾ پاڪستان طرفان ڪيل بندوبستن ۾ خامين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *