اين ايف سي جي ورڇ تي خدشاظاهر، سنڌ حڪومت پاران حصو وڌائڻ جو مطالبو

لاهور(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت قومي مالياتي وسيلن (اين ايف سي) جي ورڇ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي وارن صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ قومي مالياتي وسيلن ( اين ايف سي) جي ورڇ تي خدشن جو اظهار ڪندي آمدن ۽ وسيلن کان گهٽ فنڊ ڏيڻ جي دانهن ڪئي ۽ وفاقي حڪومت کان شيئر وڌيڪ ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو. اين ايف سي ايوارڊ جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير ۽ ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه شرڪت نه ڪئي پر سندس جاءِ تي ناڻي وارو سيڪريٽري شريڪ ٿيو. ناڻي واري وفاقي وزير  اسد عمر جو اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته قومي مالياتي ايوارڊ بجيٽ کان پهرين جوڙي نه سگهندو ۽ ايندڙ بجيٽ گذريل مالياتي ايوارڊ جي موجب ئي بڻجندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو جي وفاق کان فنڊ نه ملڻ واري ڳالهه سياسي اعتراض آهي، نائين مالياتي ڪميشن ۾ صوبن جو حصو گهٽ نه ڪيو ويندو. سندس چوڻ آهي ته ڪنهن صوبي طرفان ڪي خاص اعتراض ناهن آيا. آئين ۾ صوبن جو حصو داخل آهي ان کي گهٽ نٿو ڪري سگهجي. ناڻي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اين ايف سي ايوارڊ کي جوڙڻ آءِ ايم ايف سان سلهاڙيل ناهي. ٻئي پاسي ناڻي واري وزارت طرفان قومي مالياتي ڪميشن اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي سربراهي ۾ نائون قومي مالياتي ڪميشن اجلاس ٿيو، فيبروري ۾ بڻايل 6 هيٺين گروپن اجلاس کي بريفنگ ڏني ۽ بريفنگ ۾ وسيلن جي ورڇ لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون. پڌرائي موجب تجويزن ۾ وسيلن جي ورڇ ۾ شفافيت، هم آهنگي ۽ ڊيٽا جي بدلي تي زور ڏنو ويو جڏهن ته اجلاس ۾ هيٺين گروپن کي وسيلن جي ورڇ تي تجويزون ڏيڻ وارو ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه مالي وسيلا برابر ورهائڻ واري تجويز ڏيندي چيو ته پاڪستان جي سمورن شهرين کي هڪ جهڙين بنيادي سهولتن جي فراهمي کي قيني بڻايو وڃي، اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي تجويزن کي ساراهيو ويو. پڌرائي موجب اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو آهي ته قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ هلندڙ سال 31 ڊسمبر تائين پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ۽ اين ايف سي جو ايندڙ اجلاس اپريل کان پهرين رٿيو ويندو. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايندڙ اجلاس ۾ فاٽا ۾ ٽيڪسن کي لاڳو ڪرڻ ۽ واپار ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ بابت تجويزون ڏنيون وينديون.  ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته وسيلن جي منصفاڻي ورڇ مالياتي ڪميشن جي وڏي ذميواري آهي، آءِ ايم ايف سان مالي معاملن ۾ ڳالهين دوران صوبن کي به شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته هر صوبو مالياتي وسيلن جي ڊيٽا جي بدلي لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪندو ۽ قومي مالياتي ڪميشن سيڪريٽريٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪيا ويندا. پڌرائي موجب سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ان سلسلي ۾ رضاڪاراڻي طور تي تجويزن پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته تيل ڳولي رهيا آهيون، خوشخبري اچڻ تي حالتون بهتر ٿي وينديون.  لاهور ۾ ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته ملڪ خطرناڪ حالتن مان ٻاهر نڪري آيو آهي، هاڻي قوم کي پريشاني جي ضرورت ناهي،  مستقبل ۾ پاڪستسان لاءِ وڏيون خوشخبريون آهن.  هن چيو ته هن وقت پنجاب نه پر سموري ملڪ جو ئي خزانو خالي  آهي پر ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اچي رهي آهي. اسد عمر چيو ته نواز شريف جو مستقبل عدالت ئي طئي ڪندي،  پاڪستان ۾ ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي،  ماضي جي حڪومتن قومي ناڻي جي بيدردي سان ڦرلٽ ڪئي ۽  ڪنهن عوام بابت نه سوچو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *